سجاول جوڻيجو (ن پ ا) سجاول جوڻيجو ڀرسان ھفتو اڳ جتوئي ۽ لڪ برادري جي ٻن ڌرين ۾ چوپائي مال جي ڀيلي تان جھيڙي دوران ٽي ماڻهوَ سخت زخمي ٿي پيا هئا، ان حوالي سان شاھمراد جتوئي جي ڌر طرفان علي نواز جتوئي جي اڳواڻي ۾ غلام شبير لڪ ڏانھن علائقي جي معزز سيد معشوق علي شاھ، محمد رمضان مگسي، رياض حسين جوڻيجو، محمد عظيم مگسي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڏانھن ميڙ منٿ قافلو ڪري پھتا، جتي غلام شبير لڪ آيل ميڙ کي مان ڏيندي چيو ته مون کي هڪ ڏينھن جي مھلت ڏيو، برادري سان صلاح مشورو ڪري اميرن جا نالا ڏيندس.