سجاول جوڻيجو (ن پ ا) سجاول  جوڻيجو جي ڳوٺ سر شاهنواز ڀٽو واسي پورهيت علي اصغر مگسي جي ڏيڍ سال جي معصوم نياڻي حوران ارڙي جي بيماري ۾ مبتلا آهي، جيڪا لاڙڪاڻو جي اسپتال ۾ زير علاج آهي،  ساڳئي ڳوٺ سر شاهنواز ڀٽو ۾ 2 ڏينھن اڳ 6 ورهين جو رضوان مگسي ارڙي وگھي فوت ٿي ويو هو،علائقي واسين جو چوڻ هو ته ڪيترائي ٻارڙا ارڙي جي مرض ۾ مبتلا آهن، صحت کاتو نوٽيس وٺي بيمار ٻارن جو  علاج ڪرائي.