سجاول جوڻيجو (ن پ ا) سجاول جوڻيجو ۽ ڀرپاسي ارڙيءَ وگهي ڪيترائي ٻارڙا بيمارين ۾ وٺجي ويا، ھڪ ڏينهن اڳ 6 ورهين جو رضوان پٽ ضمير مگسي فوت ٿيڻ کان پوءِ ڏيڍ سالن جي حوران ڌيءُ اصغر مگسي به علاج دوران لاڙڪاڻي اسپتال ۾ دم ڏئي ڇڏيو، علائقي واسين جو چوڻ هو ته ڪروڙين رپين جي بجيٽ باوجود صحت کاتي بيمار ٻارن جو علاج نه ڪرايو آهي، علائقي ۾ ڊاڪٽرن جو ٽيمون به نه اماڻيون ويون آهن، سندن وڌيڪ چوڻ هو ته غربت سبب بيمار ٻارن جو علاج نه ٿا ڪرائي سگهون، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي ٻارن جو علاج ڪرايو وڃي.ٻي طرف قمبر ضلعي جي ڊي ايچ او  ڊاڪٽرن جي ٽيم کي ڳوٺ سر شاھنواز ڀٽو ۽ دلمراد مگسي ۾ موڪلي ٻارن کي وئڪسين ڪرائڻ جو حڪم ڏنو، جڏهن ته ڊاڪٽرن جي ٽيم ڳوٺ پھچڻ سان ڪيترن ڳوٺاڻن ٻارن کي وئڪسين ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو،ڳوٺاڻن ٻڌايو ته ٻارن جو ارڙي جو علاج ڪرايو آهي پر اثر نٿو ٿيئي، ھوڏانھن ڊسٽرڪٽ ھيلٿ آفيسر قمبر ٻڌايو ته ڳوٺ ۾ ڊاڪٽرن جي ٽيم اماڻي بيمار ٻارن جي علاج جون هدايتون ڪيون آهن،