سجاول جوڻيجو (ن پ ا) سجاول جوڻيجو ٿاڻي جي حد ۾ چورن رڻ ٻاري ڏنو آهي، هڪ ئي رات ۾ ڦرن ۽ چورين جون 4 وارداتون ٿيون آهن. ان ڏس ۾ڳوٺ جان محمد ڀٽي مان نامعلوم چور نعمت ڀٽي جي گهر مان ڀلوڙ مينهن چوري ڪري ويا، ٻئي پاسي ڳوٺ ڌڱاڻو مھيسر مان نامعلوم چور ٻن دڪاندارن مرتضا مھيسر عرس مھيسر جي ڪرياني جي دڪانن تالا ڪٽي سامان روڪ رقم چوري ڪري ويا ٻي پاسي سجاول سٽي مان وقار ڀٽي کان ھٿياربند روڪ رقم ۽ 60 ھزار جي موبائل فون ڦر ڪري ويا پوليس کي اطلاع ڏنو ويو، پوليس اين سي داخل ڪري چپ جو روزو رکي ڇڏيو ھوڏانھن متاث ڳوٺاڻي نعمت ڀٽي چيو ته منهنجي مينهن چوري ٿي آهي پوليس کي اطلاع ڏنو آهي
پوءِ به ڪجهه به نه ٿيو آهي، مان الله کي ياد ڪري علائقي ۾ قرآن پاڪ گھمايو آهي.