سجاول جوڻيجو (ن پ ا) گذريل رات ڌنڱ پوليس چوڪي جي اهلڪار احسان ڀٽي کان نامعلوم ھٿياربند ڦورو يرغمال بڻائڻ بعد موٽرسائيڪل روڪ رقم موبائل فون سروس ڪارڊ سميت ٻيو سامان ڦر ڪري فرار ٿيڻ واري واقعي خلاف پوليس اهلڪار جو سامان واپس ڪرائڻ لاءِ ايس ايڇ او ڪک ڀڃي ٻيڻو نه ڪيو نه ئي واقعي جي جاچ ٿي سگهي، پوليس اھلڪار  پريس ڪلب پھچي دانھيندي چيو آهي ته مان رات جو ڌنڱ پوليس چوڪي تي اڪيلو ڊيوٽي تي موجود هئس نامعلوم ھٿياربند ڦورن يرغمال بڻائي سخت تشدد جو نشانو بڻائي سرڪاري هٿيار موٽر سائيڪل روڪ رقم موبائل فون سروس ڪارڊ سميت ڦر ڪري فرار ٿي ويا.هن گهر ڪئي ته معاملي جو سختي سان نوٽيس وٺي ڦر ٿيل موٽر سائيڪل روڪ رقم موبائل فون سروس ڪارڊ سميت ٻيو سامان واپس ڪرائي ڏنو وڃي ۽ ڏوهارين جو پتو لڳائي هنن خلاف سخت قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي.