سجاول جوڻيجو (ن پ ا) سجاول جوڻيجو لڳ سر شاهنواز ڀٽو لاڙي تي مير حسن مگسي جي اڳواڻي ۾ مردن ۽ عورتن ڏنڊا کڻي نيشنل هاءِ وي روڊ تي کٽون رکي روڊ بند ڪري انتظاميا خلاف ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي مظاهرين چيو ته برسات ۾ اسان جا گهر ڪري پيا، گهرن ۾ پاڻي بيٺل آهي، اسان ڪيترن ڏينهن کان روڊن تي کلي آسمان بي يارو مددگار ويٺل آهيون، پر انتظاميا اسان جي ڪابه واهر ناهي ڪئي، امدادي سامان من پسندن کي ڏنو پيو وڃي، نوٽيس وٺي واهر ڪئي وڃي.