سجاول جوڻيجو (ن پ ا) سجاول جوڻيجو ۾ پنجين ڏينهن به ثقافتي ميلا زور شور سان جاري، انتھا پسند کان آجي سنڌ جي سري هيٺ شھر جي گورنمينٽ بوائز پرائمري اسڪول ۾ ايڪتا تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ استادن ۽ شاگردن اجرڪ ۽ ٽوپيون پھري شرڪت ڪئي، شاگردن ۽ شاگردياڻين “ھو جمالو” ۽ ٻين گيتن تي ٽيبلوز پيش ڪري سنڌ سان محبت جو اظهار ڪيو، شاگردن طاھر ڏيٿو، گل محمد ڀٽي، شاگردياڻين سدرہ اسراڻ، سويرا ڀٽي ۽ ٻين تقريري مقابلن ۾ سنڌ جي ثقافت ۽ قديم تھذيب کي اجاگر ڪيو.