سجاول جوڻيجو (ن پ ا) سجاول جوڻيجو تعلقي سميت ھاءِ اسڪول حيدر چانڊيو ڪوٽ لعل بخش مھيسر جي هاير سيڪنڊري اسڪول ۾ استادن جي کوٽ سميت ٻيون سهولتون اڻلڀ آهن، جنهن ڪري شاگرد سخت مشڪلاتن کي منهن پيا ڏين، فرنيچر نه هجڻ سبب ڪلاس جا شاگرد پٽ تي ويھي پيپر ڏيڻ تي مجبور آهن، ڪالهه سخت گرمي سبب پيپر ڏيڻ دوران ھڪ شاگرد علي بخش مگسي گرمي سبب بيھوش ٿي ڪري پيو، جنهن کي اسڪول انتظاميا اسپتال منتقل ڪيو، هاير سيڪنڊري اسڪول ڪوٽ لعل بخش مھيسر جي پرنسپال بدرالدين چانڊيو ٻڌايو ته استادن جي کوٽ سبب ڪلاس نٿا ھلي سگهن، نوٽيس وٺي تدارڪ ڪيو وڃي.