سجاول(رپورٽر) سجاول بوائز هاءِ اسڪول جو سولر سسٽم چوري، گذريل رات نامعلوم چور ھاءِ اسڪول سجاول جو سولر سسٽم چوري ڪري ويا. استادن ۽ شاگردن هيڊ ماستر طفيل احمد ٽيمڙو جي اڳواڻي ۾ احتجاج ڪيو، هنن جو چوڻ هو ته سخت گرمي ۽ بجلي لوڊشيڊنگ سبب اسڪول ۾ سولر تي هلندڙ ٿڌي پاڻي جي مشين، پکا ۽ ڪمپيوٽر ليب بند ٿي وئي آهي، شديد گرمي ۾ سبب شاگرد توڙي استاد پريشان آهن ۽ تعليم متاثر ٿي رھي آھي. استادن ۽ شاگردن وڌيڪ چيو ته انتظاميا فوري طور تي نوٽيس وٺي چوري واپس ڪرائن ته جيئن شاگردن ۽ استادن کي سهولت ملي سگهي.