ڪنري(رپورٽ: انيل ڪمار مڪواڻو) سب ڊويزن جي آبادگار پاران ميرپورخاص ۾ پ پ  رٿيل جلسي ۾ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اڳيان پاڻي کوٽ خلاف احتجاج ڪرڻ جو اعلان، ڪنري کي 6 مهينن کان پاڻي نه مليو، ٻيجارو سڙي تباهه، مرچ ۽ ڦٽي جي پوکي متاثر، آبپاشي کاتو ذميوار قرار، تفصيل موجب ڪنري سب ڊويزن ۾ پاڻي جي کوٽ خطرناڪ صورتحال اختيار ڪري وئي آھي، ساليانا بندي ختم ٿيڻ بعد گذريل ڇھن مهينن کان ڪنري سب ڊويزن ۾ پنهنجي حصي جو پورو پاڻي نه ملڻ ھزارين ايڪڙن تي پوکيل فصل سڪي تباهه ٿي ويا آھن، مرچ ۽ ڦٽي جي آڳاٽي پوکي به ڪو نه ٿي سگهي آھي، جنهن سان آبادگارن هارين کي اربين روپين جو نقصان رسيو آھي، گڏ ڪيل انگ اکرن موجب نارا ڪئنال ۾ پاڻي جي صورتحال بهتر هجڻ باوجود مٺڙائو ڊويزن جي پڇڙي واري سب ڊويزن ڪنري تباهي جي ڪناري تي پهچي وئي آهي، 8 شاخن مان هڪ هڪ شاخ هلائڻ سبب وارا نه لڳڻ سبب پوکيل فصل ختم ٿي وياآهن، جنهن سبب آبادگارن هارين جا مٿي تي هٿ اچي ويا آھن، آبادگارن جي بار بار شڪايتن باوجود آبپاشي عملدارن ڪو به تحرڪ ناهي ورتو ويو، فصل تباهه ٿيڻ بعد هاڻ ڪنري سب ڊويزن جي ڳوٺن ۾ پيئڻ جي پاڻي جو بحران پيدا ٿي ويو آھي. ماڻھو ۽ چوپايو مال اڃ  وگهي مري رهيو آھي، مالوند به سخت پريشاني ۾ مبتلا آھن، پاڻي جي هٿرادو کوٽ تي ٽائون چيئرمين شڪيل باجوا، يوسي چيئرمينن آبادگار اڳواڻن ايم ڊي سيڊا ۽ ڊائريڪٽر نارا ڪئنال ايڪسيئن مٺڙائو سان گڏجاڻي ڪري سب ڊويزن ۾ ٿيل تباهي هٿرادو کوٽ مس مينجمينٽ نااهلي بابت شڪايتون ڪيون  هيون جنهن بعد ايم ڊي سيڊا ۽ ڊائريڪٽر نارا  پاڻي وڌائي ڏيڻ جو يقين ڏياريو هو، پر وعدو وفا نه ٿيڻ سبب آبادگارن ۽ هارين جا مٿي تي هٿ اچي ويا. ٻئي پاسي اهو به معلوم ٿيو آھي ته ڪنري سب ڊويزن جا آبادگار پهرين مئي تي ميرپورخاص ۾ پ پ  جلسي ۾ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي اڳيان پاڻي کوٽ بابت احتجاج ڪندا.

ڪنري سب ڊويزن جي 8 شاخن مان 2 واهه هلندڙ، باقي شاخون بند

ڪنري: پاڻي جي کوٽ سبب ڪپهه ۽ مرچن جي ھزارين ايڪڙن تي پوکي ويندڙ فصل سڙڻ لڳو آھن، ڪنري ۾ مرچ ڪپهه ۽ ڪمند جا فصل پوکيا وڃن ٿا، ڪمند جي فصل جا گهٽ اگهه ملڻ، ڪمند جي نئين فصل جي پوکائي کي پاڻي نه ملڻ، ڪپهه ۽ مرچن جي فصل جي پوکائي نه ٿي سگهڻ ۽ لکين روپين جي بيٺل تيار مرچ جي ٻيجارو تباهه ٿيڻ جي ڪري آبادگار ۽ هاري فاقاڪشي جي ڪناري تي آهي، سانگهڙ جي مکي سسٽم مان ٽي ڪئنال مٺڙائو ڪئنال، کپرو ڪئنال ۽ ٿر ڪئنال کي پاڻي فراهم ڪيو ويندو آهي، ٿر ڪئنال کي چوٽياريون ڊيم مان پاڻي فراهم ڪيو ويندو آهي، جڏھن ته مٿان کان وڌيڪ برساتن يا وڌيڪ پاڻي اچڻ جي صورت ۾ ۡکي سسٽم تي نارا ڪئنال مان ٿر ڪئنال کي پاڻي فراهم ڪيو ويندو آهي، مگر هن وقت پاڻي جي شديد کوٽ باوجود سياسي اثر رسوخ جي ڪري هن وقت چوٽياري ڊيم سان گڏ ٿر ڪئنال مان پڻ پاڻي جي فراهمي جاري آهي، هن وقت ڪنري سب ڊويزن جي 8 شاخن مان ٻن شاخن کي هلايو پيو وڃي باقي شاخون بند پيون آھن.

 

نارا ڪئنال ۾ ۾10هزار900 ڪيوسڪ پاڻي هجڻ باوجود وارا بندي جاري

ڪنري: نارا ڪئنال ۾ ھن وقت 10900 ڪيوسڪ پاڻي ھلي رھيو آھي پر ان جي باوجود ڪنري تعلقي ۾ آبپاشي کاتي طرفان پاڻي جي 28 ھين وارابندي تحت پاڻي فراھم ڪيو پيو وڃي، جنھن سان مرچن جي پوکائي سخت متاثر ٿي آھي. تعلقي ۾ ھر سال 30 ھزار ايڪڙن تي مرچ پوکيا ويندا آھن پر ھلندڙ سال پاڻي جي کوٽ سبب 3 ھزار ايڪڙن تي مرچن جي پوکائي مس ٿي آھي.

انجنيئرن جي غلطي، ريگيوليٽرن جا بيڊ مٿي ٺاهيا ويا

ڪنري: ڪنري ورلڊ سپورٽ پروجيڪٽ وسپ جي انجنيئرن جي غلطين سبب ريگيوليٽرن جا بيڊ غلط ڊيزائن ڪري مٿي ٺاهيا ويا آهن، جنهن ڪري هڪ پاسي شاخن کي مڪمل گيج نٿو ملي سگهي ۽ ٻئي پاسي پاڻي جي شديد کوٽ سبب مٺڙائو ڪئنال ۾ هن وقت هلندڙ پاڻي جو گذرڻ ٺهيل بيڊن تان مشڪل ۽ ناممڪن بڻيل آهي.

چونڊيل نمائندن جي گڏجاڻي، اڄ ڌرڻي جو اعلان

ڪنري: ٽائون ڪاميٽي ڪنري جي ٽائون چيئرمين، يوسي چيئرمينن ضلع ڪائونسل ميمبرن پ پ اڳواڻن جي گڏجاڻي ٿي، جنھن ۾ چيو ويو ته آبپاشي عملدارن هٿرادو طور سازش تحت ڪنري سب ڊويزن کي پاڻي نه ٿا ڏين ٻين علائقن ۾ فل پاڻي ڏنو پيو وڃي 8 شاخن مان هڪ شاخ هلي پئي ڪنري سب ڊويزن سان ناروا سلوڪ ۽ آبپاشي عملدارن خلاف ۽ پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف اڄ تڪ جي ايم پي اي نواب تيمور ٽالپر جي اڳواڻي ۾ کاڻي ريگيوليٽر ۽ مٺڙائو موري سامارو ۾ وٽ ڌرڻو هنيو ويندو.