سبسڊي ختم، ترقياتي بجيٽ ۾ گهٽتائي، آءِ ايم ايف سان ڳالهين ۾ ڏکين فيصلن جو امڪان

0
138
سبسڊي ختم، ترقياتي بجيٽ ۾ گهٽتائي
سبسڊي ختم، ترقياتي بجيٽ ۾ گهٽتائي، آءِ ايم ايف سان ڳالهين ۾ ڏکين فيصلن جو امڪان

پاڪستان ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ پاليسي ڳالهين ۾ ڏکيا فيصلا ٿيڻ جو امڪان آهي
ذريعن موجب بجيٽ خساري، پرڏيهي فنانسنگ ۽ بجيٽ فريم ورڪ سميت اهم معاملن تي ڳالهيون ڪيون وينديون
ذريعن موجب پاڪستان کي سخت سوالن جا جواب ڏيڻا آهن، پاڪستان کي 30 جون تائين پرڏيهي مٽا سٽا جا ذخيرا 16 ارب 20 ڪروڙ ڊالرن تائين آڻڻا آهن ۽ پاڪستان کي ٻڌائڻو آهي ته اها رقم ڪٿان ايندي؟
ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان فوري طور تي درآمدات تي پابندي ختم ڪري، ايل سيز کولڻ لاءِ فوري طور تي 4 ارب ڊالر فراهم ڪري، بجيٽ خسارو گهٽائڻ لاءِ 600 ارب رپين کان وڌيڪ خرچن کي گهٽائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن
ذريعن موجب آءِ ايم ايف شرط رکيو آهي ته پاڪستان ترقياتي بجيٽ ۾ 50 سيڪڙو کان وڌيڪ گهٽتائي ڪري، جنهن موجب 727 جي ترقياتي بجيٽ بدران 400 ارب رپين کان وڌيڪ جي بجيٽ تيار ڪئي وڃي، جڏهن ته غير ترقياتي خرچن ۾ به وڏي گهٽتائي ڪندو
ذريعن موجب اجلاس ۾ غير ضروري منصوبن جي فنڊنگ روڪڻ تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي، جڏهن ته هلندڙ مالي سال جي بجيٽ مان سبسڊيز ختم ڪئي ويندي ۽ بجلي جي اگهن ۾ واڌ تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي ويندي، سبسڊي گهٽائڻ لاءِ گئس جي اگهن ۾ 50 سيڪڙو واڌ ڪرڻي پوندي، ترقياتي منصوبن جي مانيٽرنگ ويب سائيٽ تي شايع ڪئي ويندي ۽ منصوبي کي فعال ڪرڻ يا رياستي ادارن کي خانگائڻ جي حڪمت عملي به طئي ٿيندي