“ساڳيا لاٽون ۽ ساڳيا چُگهه” کان اڳتي ھلڻو پوندو!

0
82
“ساڳيا لاٽون ۽ ساڳيا چُگهه” کان اڳتي ھلڻو پوندو!

 سنڌ حڪومت  تعمير ۽ بحالي لاءِ جتن ڪري رھي آھي؛ڪافي مشڪلن جي باوجود صرف عالمي بئنڪ کان ھڪ ارب ۽ 80 ڪروڙ ڊالر وٺي رھي آھي جيڪي پاڪستاني روپين ۾ 4 سؤ ارب روپين جي برابر ٿين ٿا. جيتوڻيڪ سنڌ جي بحالي تي شايد ان کان به گھڻو وڌيڪ خرچ ايندو، پر تنھن ھوندي به ان رقم کي صحيح ۽ بھتر استعمال ڪرڻ ھڪ اھم قدم آھي. ملڪ جي اقتصادي صورتحال، عالمي طؤر تي تاريخي آفتن کان پوءِ به سرد جواب ۽ اسان جي پنھنجي حڪمراني جو طريقو ٽي اھڙا عنصر آھن جنھن جي ڪري ٻوڏ کان پوءِ جي بحالي  ۽ تعمير کي ڪو سڌو گس نه ملي رھيو آھي ۽ نه ئي وري عالمي سهڪار آڇجي رھيو آھي. اھڙين حالتن ۾ جيڪي به پئسا، پراجيڪٽ/ڪم ملي رھيا آھن انھن کي جيڪڏھن صحيح استعمال نه ڪيو ويو ته نه صرف ڏتڙيل ماڻھو وڌيڪ پوئتي ھليا ويندا بلڪه شايد حڪومت لاءِ ڪٿان به ايترا پئسا گڏ ڪرڻ ممڪن نه ٿئي! ھڪ دفعو اڳي عرض ڪري چُڪو آھيان ته سڄاڻ ملڪ ۽ قومون ڪنھن به وڏي آفت، سانحي يا ھاڃي مان سبق سکي اڳتي وڌندا آھن ۽ پنھنجي ملڪ ۽ قوم کي ھڪ بھتر ۽ سگھاري مستقبل ڏانھن وٺي ويندا آھن. ھُو پنھنجين غلطين کي، ڪمزورين کي تسليم ڪندا آھن. ايئن ڪرڻ سان ئي بھتري جون راھون ڳولي سگھجن ٿيون. پر ڪي ڪي ملڪ اسان جھڙا نود ٿين ٿا ۽ پنھنجون اُڻايون ڏسڻ  ۽ ڪجھه مڃڻ لاءِ تيار نه ھوندا آھن. اسانکي به سڄاڻ ملڪن ۽ قومن جيان پاڻ کي ڏسڻ گھرجي، ڪجھه بنيادي ڳالھيون تسليم ڪرڻ گھرجن بجاءِ ان جي جو ان جو دفاع ڪجي. ڇاڪاڻ ته جيڪي ملڪ، حڪومتون ۽ قومون پنھنجن غلط ڪمن مان نه سکندا آھن ۽ انھن جو دفاع ڪندا آھن اُھي پنھنجي ملڪ ۽ قوم کي رڻ ۾ رولي ڇڏيندا آھن! اچو ته کلي دل سان تسليم ڪريون:

  1. اسان جو انتظامي، ٽيڪنيڪي ۽ رٿابندي وارو سرشتو، اسان جھڙن ملڪن جي ڀيٽ ۾ ڪمزور آھي، ان ڪري اسان جا پراجيڪٽ/ڪم، معيار ۽ مقدار جي لحاظ سان پٺتي پيل آھن. انھن جي اڏاوت کان اڳ جي اھم قدمن کان وٺي(رٿابندي، ڇنڊڇاڻ، پروڪيورمينٽ) اڏاوت، جانچ جونچ ۽ سار سنڀال تائين، سڀن مرحلن ۾ وڏا جھول آھن.
  2. اسان جا سياسي ۽ ادارتي مُک،سرشتا ان معيار۽ مقدار جي گھٽتائي ۾سڌي ۽ اڻ سڌي طرح شريڪ آھن. اسان جا جانچ وارا ۽آڊٽ وارا ادارا ، عدالتي سرشتا يا وري ميڊيائي ماڻھو پڻ ان وڏي ڪيڪ جا ڪنھن نھ ڪنھن طريقي سان حصيدار آھن.
  3. اسان ھڪدم سڀن شين، ادارن ۽ ماڻھن جي انيڪ پھلوئي طرز حڪمرانيءَ کي يڪدم تبديل نٿا ڪري سگھون. ان ڪري بجائي تنقيد جي “وارو ڙي وارو، ظلم ڙي ظلم!” وارا نعرا ھڻندي شايد ڪجھه به تبديل نه ڪري سگھون ان ڪري ان کي مرحليوار ڏسڻ جي ضرورت آھي.
  4. ماڻھن جا ذاتي مفاد، رعايتون، سرمايو ۽ ان سان لاڳاپيل سگھه ۽ ڪنٽرول جي ڪري رياستي ۽ ادارتي نظام تمام گھڻي ڪمزوري جو شڪار آھي. ان ڪري ان جي ڪمزورين کي مرحلي واري ظاھر ڪري، ان ۾ بھتري آڻڻ جي ضرورت آھي.
  5. ھڪ عام پراجيڪٽ جي انتظام ڪاري جي باري ۾ چوڻي آھي ته جيڪڏھن ادارن/ پراجيڪٽن ھلائڻ لاءِ بھتر ٽيم چونڊي وئي ۽ ان کان پوءِ شين، ٺيڪن، ڪنسلٽنسي/ خدمتن جي پروڪيورمينٽ (خريد ڪرڻ وارو عمل) جيڪڏھن شروع ڪيو ويو ته پراجيڪٽ مان 70 سيڪڙو برايون ڪڍي سگھجن ٿيون. ھاڻ صرف جيڪڏھن ان ٻن نقطن تي بحث ڪري، ان جو تاڃي پيٽو جوڙي اڳتي وڌڻ جي ڳالهه ڪبي ته شايد جيڪو هڪ خواب آهي “بهتر سنڌ جي اڏاوت” ان ڏانهن بنيادي قدم کڻي سگهبو. هيڏي وڏي آفتن کان پوءِ سنڌ جي اڏاوت اهڙي ڪرڻي آهي جو ماڻهو اڳي کان بهتر حالتن ۾ اچي وڃن ۽ انهن ۾ هاڃن ۽ آفتن کي منهن ڏيڻ جي صلاحيت ۽ سگهه وڌي وڃي! ان لاءِ هي بنيادي قدم کڻڻ کپن.

1.پراجيڪٽ جي ٽيم مقرر ڪرڻ لاءِ هڪ اعليٰ سطحي، اڻ ڌريو ۽ انتهائي قابل احترام ماڻهن / ماهرن تي مشتمل بورڊ جوڙيو وڃي. جيڪي ادارن مان ئي ماڻهن جي چونڊ ڪن ۽ انهن کي صرف ۽ صرف ميرٽ تي کڻي اچن. جيڪڏهن ادارن ۾ ماڻهن جي اڻاٺ آهي ته ڀل ان کي مارڪيٽ مان کڻن. ان چونڊ ۾ بين الاقوامي ادارا (جيئن ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل وغيره ) آهي شامل هجن. اها کليل هجي، ان عمل کي آئيني جيان صاف رکيو وڃي.

  1. ان ڳالهه کي ديواني جو خواب نه سمجهيو وڃي، بلڪه ان تي سياسي، سماجي ۽ ادبي ادارن، تنظيمن ۽ رهنمائن کي ون پوائنٽ ايجنڊا سمجهي غور ڪرڻ کپي، ان لاءِ ٽرينڊ هلائڻ کپن ۽ ساڻ گڏ ان تي عملي رستي جا گهٽ ۽ گھيڙ واضح ڪرڻ کپن. اسان کي ان ڳالهه کي به تسليم ڪرڻ کپي ته سنڌ تي حڪومت ڪندڙ پاڪستان پيپلز پارٽي، ٻين سڀن پارٽين جي مقابلي ۾ ڪارڪنن ۽ عام ماڻهن سان جُڙيل آهن. اها عوام جي آواز تي لبيڪ ڪندي رهي آهي ۽ ان جي اندر سنڌ جي بهتري چاهيندڙن جي گهڻائي آهي (شايد پاور گهٽ هجي) ان تي سياسي ۽ سماجي ساٿ ۽ پريشر جي صورت ۾ اڳتي وڌي سگهجي ٿو.

سنڌ جي عام ماڻهو کي پڻ سمجهڻو پوندو ته سندن قسمت جا فيصلا اڪيلائي ۾ نه ٿيڻ کپن ۽ اهي ڪنهن فرد جي فائدي کان اڳتي نڪري سنڌ جي فائدي ڏانهن قدم کڻندڙ هجن.

  1. ساڳي نموني پروڪيورمينٽ جي مرحلي کي پڻ مڪمل طرح شفاف ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وڃي. انهن جي تشهير، ميٽنگون ۽ واڪ هئڻ Bidding process کي بلڪل وائکو ۽ نظر ايندڙ ڪيو وڃي. ڪميونڪيشن، ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ جي ترقيءَ جي نتيجي ۾ اِهو ڪرڻ ممڪن آهي. اهڙو ئي مرحلو 2010ع ۽ 2011ع ، سنڌ واٽر سيڪٽر امپرومينٽ پراجيڪٽ جي عالمي ٺيڪن جي صورت ۾ سيڊا ۾ ڪيو ويو آهي. هر شيءَ ڪيمرا ۾ رڪارڊ ڪئي وئي، ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل ۽ گڏيل قومن جو ادارو ايف اي او شامل هئا ۽ هر مرحلو کليل ۽ سڀن جي سامهون رکيو ويو. اهوپڻ پيپلز پارٽي جودؤرهو.حڪومت پڻ اهڙي سگهاري ۽ اڻ ڌرئي طريقي کي هٿي وٺائڻ لاءِ تيار هوندي آهي. ان ڪري ان تجربن کي سامهون رکندي وري ان تي زور بار ڏنو وڃي ته جيئن پروڪيورمينٽ وارو مرحلو ميرٽ تي ٿي سگهجي. ڪنهن ماهر چواڻي جيڪڏهن ٽينڊر ميرٽ جي بنياد تي ڏنا وڃن ته شايد ڪمن جو معيار 60 سيڪڙو کان به وڌيڪ بهتر ٿي وڃي.
  2. هڪ عام تجربو ۽ مشاهدو آهي، ليلا مجنون واري قصي جيان “مڪتب عشق ۾ عجب ماجرا ديکا، جس نه سبق ياد ڪيا اس ڪو ڇٽي نه ملي!” جيڪي آفيسر/ پروفيشنل ماڻهو بهتر ڪم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آهن، پراجيڪٽ کي اڳتي وڌائيندا آهن، سزائون ۽ ڪيس ئي انهن تي ٿيندا آهن. ان جو واضح ثبوت پنجاب ۽ مرڪز ۾ انتهائي اهم پراجيڪٽن تي ڪم ڪندڙ آفيسرن سان 2018ع کانپوءِ قيد و بند جي مصيبتن ۾ ڏٺوسين. ساڳي طرح سنڌ جا ڪجهه صاف آفيسر وڃي ملال ۾ پيا. جڏهن ته ارهه زورائي ڪندڙ، سسٽم کي تباهه ڪندڙن کي رعايتون، پاور، ضمانتون ۽ پوسٽنگون مليون. ان ڳالهه کي ان ڪري لکيو آهي ته عام سنڌ ۽ ادارا اهڙن ماڻهن کي اڪيلو نه ڪن ۽ سُڪن سان گڏ ساوا نه ساڙين. بلڪ اهڙي قسم جو پريشر ٺاهين جو سڀئي ادارا، آفيسر ۽ ماڻهو بهتر ڪم ڪرڻ ڏانهن قدم وڌائين.

انهن ڳالهين کي جيڪڏهن سياسي ۽ سماجي وزن سان اڳتي وڌايو ويندو، اختلافن ۽ “جهيڙي لاءِ جهيڙو” کان پرهيز ڪري، سنڌ جي بهتري لاءِ سڀن جا گڏيل قدم وڌي سگهندا ۽ اسانجي ادارتي، سياسي ۽ طرز حڪمراني جي ساک بهتر ڪري سگهبي!.