ڪشمور(رپورٽر) ڪشمور پوليس ۽ ايس ايس پي امجد شيخ مغوي ساگر ڪمار کي بازياب ڪرائڻ ۾ ناڪام ٿيڻ ۽ وارثن سان غلط ٻياني ڪرڻ کانپوءِ مغوي ساگر ڪمار جا وارث سخت پريشانين ۾ مبتلا ٿي ويا آهن گذريل ڏينهن ٻه ڏينهن اڳ ڪراچي تين تلوار تي ڏنل ڌرڻي کانپوءِ سنڌ جي گهرو وزير پاران سردار سليم جان مزاري کي ٻن ڏينهن اندر مغوي ساگر کي بازياب ڪرائڻ لاءِ ٽاسڪ ڏنو، سردار سليم جان مزاري پنھنجي مزاري برادري ملڪ برادري ٻلھاڻي برادري جو مزاري ھائوس ڪشمور ۾ ڪٺ گھرايو جتان ھزارين جي تعداد ۾ مزاري ملڪ ۽ ٻلھاڻي برادري جا موٽرسائيڪل ۽ ڪار سوار ماڻهو سردار سليم جان مزاري جي اڳواڻي ۾ ڪچي جي گيهلپور واري علائقي پھتا مزاري ھائوس جي ترجمان جو چوڻ هو ته ساگر ڪمار کي بازياب ڪرائڻ لاءِ سردار سليم جان مزاري طرفان ڪچي جي چڱن مڙسن جي مدد سان راڄوڻي ڪوششون ورتيون پيون وڃن تمام جلد مغوي ساگر ڪمار کي بازياب ڪرايو ويندو جڏهن ته پھرين ڏينهن ڪچي جي مختلف برادرين جي چڱن مڙسن حاجي خان شر مير صاحب ڪوش ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ڪچي جي علائقي ۾ راڄوڻي ڪوششون تيز ڪيون ويون ڪجهه برادرين پاران ھڪ ٻن ڏينهن مھلت وٺندي مغوي ساگر ڪمار جو پتو لڳائي جلد بازياب ڪرائڻ ۾ سھڪار ڪرڻ جي خاطري ڪرائي وئي آهي جنهن بعد اڳوڻي ضلعي ناظم سردار سليم جان مزاري ڪچي جي چڱن مڙسن ۽ پنهنجي برادري جي مزاري قبيلي جي مختلف پاڙن جي مقدمن جي ڪاميٽي جوڙي ڇڏي ساگر ڪمار جي بازيابي عمل ۾ نه اچڻ تائين روز ڪچي وڃي راڄوڻي ڪوششون جاري رکڻ جي ھدايت ڪري ڇڏي آهي.