ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ڪشمور مان اغوا ٿيل هندو نينگر ساگر ڪمار بازياب نه ٿي سگهيو. نينگر جي بازيابي بابت آءِ جي سنڌ رفعت مختار سان هندو پنچائت جي 5 رڪني وفد ملاقات ڪئي. وفد جي اڳواڻي هندو برادري جي ضلعي ڪشمور جي سربراهه مکي سريش ڪري رهيو هو. وفد آءِ جي سنڌ کي ڪشمور ۾ امن امان جي صورتحال بابت آگاهه ڪيو. آئي جي سنڌ چيو ته هاڻي اسان مسئلن جي حل طرف قدم وڌائيندا سين. ملاقات دوران آءِ جي سنڌ ايس ايس پي ڪشمور امجد شيخ سان ٽيليفون تي رابطو ڪيو. ۽ ساگر جي بازيابي لاءِ کنيل قدمن بابت تفصيل ورتا. آءِ جي سنڌ رفعت مختار ايس ايس پي کي ساگر جي فوري بازيابي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي. آئي جي سنڌ چيو ته تازو ئي هندو برادري سان تعلق رکندڙ ٽن ماڻهن کي بازياب ڪرايو ويو آهي، اڄ کان هر مهيني ڪشمور سميت ٻين سمورن ضلعن جو دورو ڪندس. مکي سريش جو چوڻ هو ته اسان جا ٻيا ماڻهو به اغوا ٿيا هئا،
جيڪي بازياب ٿي ويا، آئي جي سنڌ ساگر جي بازيابي لاءِ قدم کڻڻ جي خاطري ڪرائي آهي، ملاقات اطمينان بخش رهي