ڪراچي (نمائندن وٽان) ساگر ڪمار، پريا ڪماري، نازيه کوسو، سندس ڌيءُ ڪوثر کوسو، علي گل کهڙو ۽ ٻيا مغوي اڃا بازياب نه ٿيا
ڪنڌڪوٽ جي ڌرڻي ۾ ضلعي انتظاميا ۽ پوليس پاران مغوين جي وارثن سان ڪيل وعدا وفا نه ٿيا
48 ڪلاڪن اندر ساگر ڪمار کي بازياب ڪرائڻ واري ضلعي انتظاميا ۽ پوليس جي دعويٰ کي 4 ڏينهن گذري ويا
ساگر ڪمار جي امڙ جي اپيل تي اڄ ڪراچي ۾ تين تلوار وٽ ٻيهر ڌرڻو هنيو پيو وڃي، مختلف شهرن ۾ مغوين جي آزادي لاءِ مظاهرا پڻ جاري آهن