ڪشمور (رپورٽ: ايم شريف ڄامڙو) ڪشمور جي مغوي ساگر ڪمار جي بازيابي واري پوليس جي دعويٰ ھڪ ڀيرو ٻيهر ڪوڙي ثابت، پوليس اطلاع تي وارث ۽ ھندو پنچائت اڳواڻ سڄي رات انتظار ڪندا رهيا، مغوي نه موٽيو، لاڏا ڳائيندڙ ڀينرن ۾ مايوسي ڇائنجي وئي، خبر موجب پوليس مغوي ساگر ڪمار جي بازيابي جو وارثن کي اطلاع ڏنو هو، جنهن بعد گهر ۾ خوشي جي لهر اچي وئي ۽ وارث گهر ۾ پوڄا پاٺ ڪري پراٿنائون ڪندا رهيا، جڏهن ته امڙ ۽ ڀينرن لاڏا ڳائي خوشي جو اظهار ڪيو پر کين پنهنجو پيارو ساگر ڪمار موٽي نه مليو، پوليس بار بار وارثن کي فون ذريعي تسلي ڏيندي رهي ته ساگر کي وٺي اچي رهيا آهيون، جنهن بعد ساگر جي امڙ ۽ ڀينرون سڄي رات ڪشمور پنچائتي هال پوج دربار ۾ ساگر جون راهون ڏسنديون رهيون پر ساگر نه موٽيو، وارثن ٻڌايو ته ايس ايس پي امجد شيخ فون ڪري اطلاع ڏنو هو ته ساگر بازياب ٿي ويو آهي، هن جي اهڙي دعويٰ ڪوڙي ثابت ٿي آهي، وارثن ٻڌايو ته پوليس گذريل رات دير تائين آسرا ڏيندي رهي، هوڏانهن ساگر ڪمار جي نه موٽڻ سبب ٻيھر وارثن ۾ مايوسي ڦهلجي وئي آهي، ھندو پنچائت اڳواڻ راجيش لنڊ چيو ته ڊي آءِ جي جاويد جسڪاڻي ۽ ايس ايس پي روحل کوسو ڪشمور پھتا ته ساگر ڪمار جي وارثن ۾ خوشي ڇائنجي وئي پر هو ته رڳو دعوتون کائڻ ۾ مصروف رھيا ۽ رات جي پوئين پهر ۾ پوليس چيڪ پوسٽن جو دورو ڪندا رهيا، واضح رهي ته پوليس جي دعويٰ کان اڳ اڳوڻي صوبائي وزير شبير بجاراڻي ۽ نگران گھرو وزير ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي مغوي ساگر ڪمار جي گھوٽڪي پوليس ھٿان بازيابي جي دعويٰ ڪئي ھئي، شھرين ايس ايس پي امجد شيخ کي ڪوڙي دعويٰ تي ھندو پنچائت ۽ ساگر جي وارثن کان معافي وٺڻ جو مطالبو ڪيو آهي، سوشل ميڊيا تي ايس ايس پي تي سخت تنقد ڪئي پئي وڃي، سوشل ميڊيا تي چيو پيو وڃي ته مغوي ساگر جي وارثن سندس بازيابي لاءِ 50 لک ڀنگ جي رقم به ادا ڪئي پر ان جي باوجود ماڻهو ناهي موٽيو.