ڪشمور (رپورٽر) ڪشمور واسي مغوي ساگر ڪمار بازياب نه ٿيو، اڄ ڪراچي ۾ 3 تلوار تي ڌرڻو هڻڻ جو اعلان، ساگر جي امڙ پاران ويڊيو پيغام جاري، سياسي سماجي تنظيمن، ھندو برادري جي ماڻهن ۽ ساڃاهه وندن کي شرڪت جي اپيل، خبر موجب ڪشمور واسي نوجوان ساگر ڪمار کي پوليس 36 ڏينهن گذرڻ باوجود بازياب نه ڪرائي سگهي آهي، ذريعن موجب مغوي جي وارثن کان ڀنگ جي رقم به چڱن مڙسن معرفت ورتي وئي پر ساگر نه موٽيو، مغوي نوجوان ساگر ڪمار جي امڙ ويڊيو بيان جاري ڪندي اعلان ڪيو آهي ته پٽ جي بازيابي لاءِ اڄ ڪراچي ۾ 3 تلوار تي شام جو 4 لڳي ڌرڻو هنيو ويندو، هن ھندو برادري جي ماڻهن سياسي سماجي تنظيمن ۽ ساڃاهه وندن کي ڌرڻي ۾ ڀرپور شرڪت جي اپيل ڪئي.