ميرپور ساڪرو(ن پ ا)ميرپور ساڪري ۾ رات واري برسات پوسٽ آفيس جي عمارت جا چاپڙ ڪري پيا، آفيس جو ڪاغذ وغيره برسات ۾ پسي ويا برسات سبب پوسٽ آفيس ساڪرو جي ڇت ڌماڪي سان ڪيترو ئي حصو ڪري پيو  چاپڙ ڪرڻ سبب ملازمن ۾ خوف ورتل ملازمن جو چوڻ آهي ته پوسٽ آفيس ويھڻ جي لائق ناهي عمارت زبون آهي الله بچايو جاني نقصان نه ٿيو آهي باقي ڪاغذ فرنيچر وغيره ٽٽي ويو آهي.