ميرپور ساڪرو(ن پ ا) ساڪرو شهر کي ٺٽي ۽ سامونڊي پٽي سان ملائيندڙ ڪامو واري پل مٽيءَ سان ڀريل ڊمپر گذرڻ سبب ڌماڪي سان ڪري تباهه ٿي وئي، جنهن سبب آمدرفت معطل ٿيڻ ڪري گاڏين جون قطارون لڳي ويون آهن، واضح رهي ته پل ڪرڻ سبب سوين ڳوٺن جو شهرن سان زميني رابطو ڪٽجي ويو آهي، ان سلسلي ۾ ڳوٺاڻن مولوي اصغر بگھياڙ، مير اللھ بخش، ھوت بلوچ، شريف احمداڻي، حفيظ خاصخيلي، اعجاز احمداڻي ۽ ٻين احتجاج ڪندي چيو ته ورلڊ بينڪ جي هلندڙ پراجيڪٽن جي ڪم لاءِ ٺيڪيدارن پاران هن پل تان مٽي سان ڀريل ڊمپر گذاريا ويندا آهن، جنهن ڪري نه صرف ڪري تباهه ٿي آهي پر 4 ڪلو ميٽرز تائين روڊ به اکڙي تباهه ٿي ويو آهي.