ميرپور ساڪرو(ن پ ا) ميرپور ساڪرو پوليس تنبوئن سان ڀريل ڪنٽينر نمبر ALU 097  ميرپور ساڪرو مراداڻي روڊ لڳ مٺوخان شيخ وٽان پڪڙي 2 ھزار ڪلو سوپاري 195 تنبو ۽ 500 پيڪٽ گٽڪا ماوا پڪڙي نعمت الله ولد مظفر ڪليم آرائين کي گرفتار ڪري ورتو. پڪڙيل منشات لکين روپين جي آهي، ٻئي پاسي ذريعن جو چوڻ آهي ته پڪڙيل ڪنٽينر مان 570 ڪٽا منشات جا ھٿ آيا پوليس ڪيس ۾ ھڪ سو ڪٽا مان 2000 ڪلو سوپاري ڏيکاري باقي پڪڙيل منشات غائب ڪري ڇڏي آهي. ذريعن جو اھو به چوڻ آهي ته منشات فروشن تي ايف آءِ آر ڪرڻ بدران ڪنٽينر جي ڊرائيور کي صرف ڪيس ۾ شامل ڪيو ويو آهي