ميرپور ساڪرو(ن پ ا) ٻھارا شھر جو رھواسي رياض ملاح پٽ سليمان ملاح باھه ۾ سڙي ويل نوجوان ڪراچي اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، ڪجهه ڏينهن اڳ مولاي هجڻ جو طعنو ملڻ تي نوجوان رياض ملاح پاڻ کي باھه ڏني ھئي، جنهن کي نازڪ حالت ۾ ڪراچي اسپتال منتقل ڪيو ويو ھو، جيڪو ڪالهه فوت ٿي ويو، وارثن موجب نوجوان مٿان منشيات واپرائڻ  جو الزام ھنيو ويو ھو، جنهن تي نوجوان ڪاوڙ ۾ اچي پاڻ کي باھه ڏني هئي، نوجوان جو لاش گھر  پھڻ تي سندس گھر ۾ ڪھرام  مچي ويو، وارثن موجب اسان جي نوجوان مٿان ڪوڙو الزام لڳو، جنهن  ڪري ھن انتهائي قدم کنيو آهي، مامعلي جي جانچ ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي.