ساڪرو کان نڪتل پيادل مارچ ٺٽي پهتو، قوم مزاحمت ڪئي ته ڪجهه به نه بچندو: اياز لطيف

0
17
ساڪرو کان نڪتل پيادل مارچ ٺٽي پهتو، قوم مزاحمت ڪئي ته ڪجهه به نه بچندو: اياز لطيف
ساڪرو کان نڪتل پيادل مارچ ٺٽي پهتو، قوم مزاحمت ڪئي ته ڪجهه به نه بچندو: اياز لطيف

ٺٽو (رپورٽ: اسماعيل ميمڻ) سنڌو درياءَ تي نوان ڪئنال اڏي سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو هڻڻ، ڪارپوريٽ فارمينگ، وسيلن ۽ زمينن تي والار ۽ سنڌ دشمن منصوبن خلاف قومي عوامي تحريڪ جو ميرپور ساڪرو کان نڪتل پيادل مارچ قافلو چوٿين ڏينهن تي شهيد دولھه درياءَ خان جي شهر ٺٽي پهچڻ تي شاندار استقبال ڪري پانڌيئڙن مٿان گلن جي ورکا ڪئي وئي، جڏهن ته ٺٽي شهر جي مک رڪشا اسٽاپ تي جلسي جي شڪل اختيار ڪندڙ قومي عوامي تحريڪ جي پيادل مارچ کي قومي عوامي تحريڪ جي سربراهه اياز لطيف پليجو خطاب ڪندي چيو ته صدر پيپلز پارٽي قيادت جي رضامنديءَ سان ئي سنڌوءَ تي وڌيڪ 6 ڪئنال اڏجي رهيا آهن، هن چيو ته هڪ طرف سنڌ جي زراعت اڳ ۾ تباھه آھي ۽ ماڻھن کي پيئڻ لاءِ پاڻي نٿو ملي ته وري ٻئي پاسي حڪمران 6 ڪئنالن جي اڏاوت شروع ڪرائي سنڌ کي ڀڙڀانگ ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جيڪو عمل قابل مذمت آھي، هن چيو ته سنڌو تي نون 6 ڪئنالن جي اڏجڻ سان سنڌ جون زمينون تباهي جي ور چڙهي وينديون، ڇاڪاڻ جو پاڻي ئي نه هوندو ته ته فصل ڪيئن ٿيندا ۽ ماڻهو معاشي طور ڪنگال ٿي ويندا، هن چيو ته نوان ڪئنال صرف وفاق نه پيو ٺاهي پر سنڌ حڪومت ۽ وفاقي حڪومت جي گڏيل راضپي سان ڪئنالن واري منصوبي تي ڪم هلي رهيو آھي ۽ سنڌ حڪومت چاهي ٿي ته سنڌ جي پاڻي جو دروازو بند ٿئي هن چيو ته شھباز شريف ۽ وفاقي حڪومت سنڌ کان لاتعلق آھن، عمران خان اقتدار ۾ ھو سنڌ کان لاتعلق ھو، گرين پاڪستان سنڌ کي بڻجر بنائڻ جو منصوبو آھي، هن چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ سنڌ دشمن منصوبو آھي، هن چيو ته ڪوٽڙي بئراج جي هيٺائين پاسي سنڌوءَ ۾ پاڻي جي نه اچڻ ڪري سمنڊ اڳتي وڌي ٺٽو، سجاول ۽ بدين ضلعن کي سمنڊ جي کاري پاڻي هيٺ آڻي رهيو آهي ۽ حڪمران وارا چون ٿا ته  ڪجھه ڪو نه ٿيندو ۽ ڪئنال نه ٺهندا پر اهو سراسر ڪوڙ آهي، هن ميڊيا سان به ڳالهائيندي چيو ڪئنالن وارو منصوبو سنڌي عوام لاءِ ايترو خطرناڪ آھي، جو پاڻ سوچي به نٿا سگهون، هن چيو ته پاڻي جيئاپو آھي جيڪڏھن پاڻي نه هوندو زراعت ختم ٿي ويندي، زمينون ڀڳڙن مٺ تي وڪرو ٿينديون ۽ زراعت نه هوندي ته تعليم صحت بنيادي سهولتون پنهنجي نسل کي ڪيئن ڏياري سگهنداسين؟ هن سنڌ جي ايم پي ايز، ايم اين ايز ، يوسيز، ٽائونن ۽ ضلعن جا نمائندن کي چيو ته هو ترقياتي اسڪيمن لاءِ ليٽر کڻي بلاول هائوس ۽ چيف سيڪريٽري ڏانهن وڃن ٿا  انهن کي اپيل آھي ته هو پ پ جي اعليٰ قيادت کان وفد جي صورت ۾ وڃي اهو چون ته خدا جي واسطي اسان کي نه سُڪايو ۽ هو پڻ سنڌ جي ايم پي ايز، ايم اين ايز ۽ وزيراعليٰ کي دعوت ٿو ڏي ٿو ته هن سان گڏ اچي حيدرآباد پريس ڪلب ۾ بک هڙتال تي ويهن ۽ سنڌ جو پاڻي بند ڪرڻ خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرائين، جڏهن ته پيادل مارچ واري جلسي کي ممتاز شيخ ، اشرف پليجو، ياسر جاکرو، حبيب الله پليجو، غفور سومرو، مرتضي لاشاري، امين جوڻيجو، شفيع محمد پليجو، رب ڏنو ملڪ، سنڌياڻي تحريڪ جي اڳواڻن نصرت خاصخيلي، صبا سمون ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.