تڪراري آدم ڳڻپ جي پهرئين مرحلي يعني گهر ڳڻپ مڪمل ٿيڻ کانپوءِ غير سرڪاري ذريعا جيڪي انگ اکر ٻُڌائي رهيا آهن. اهي ته نهايت ڳڻتيءَ جوڳا آهن. گهڻو ڪري هڪ ٻن ڏينهن ۾ اها ڊيٽا عام ٿي ويندي، ڇو ته ڊجيٽل آدم ڳڻپ جو مطلب ئي اهو هوندو آهي ته، وقت سر ڊيٽا ملندي رهي ته جيئن ايندڙ مرحلي جي تياري ان حساب سان ڪجي. هن آدم ڳڻپ جي تياري ايتري ڪمزور هئي، انتظام ايترا اڻپورا هُئا ۽ تڪڙ ايڏي غير ضروري هُئي جو صاف لڳو پئي ته آدم ڳڻپ جو جهاز ٽيڪ آف کان اڳ ڪريش ٿيڻ وارو آهي.
ٻه ڏينهن اڳ پيپلز پارٽي سنڌ پاران ڪراچيءَ ۾ هڪ گهڻ پارٽي ڪانفرنس ڪوٺائي وئي. جيتوڻيڪ اها ڪانفرنس سياسي لحاظ کان اهم هُئي پر سنڌ جي اڪثر قومپرست ڌرين ان ۾ شرڪت نه ڪئي. سنڌ ترقي پسند پارٽيءَ جي اڳواڻ ڊاڪٽر قادر مگسي ان ميڙاڪي ۾ نهايت وزنائتو موقف رکيو. پيپلز پارٽيءَ جي سڏ تي اڪثر جماعتون ڇو نه شريڪ ٿيون، ان تي پيپلز پارٽيءَ کي سنجيدگيءَ سان ويچارڻ گُهرجي. منهنجي خيال ۾ ان جو هڪ ڪارڻ خود پيپلز پارٽيءَ جا پنهنجا رويا آهن. سياست ۾ واسطا ڪاروباري نوعيت جا ناهن رکبا. جن ۾ رُڳو ڪم ڪار سانگي ئي ڳالهه ٻولهه ڪجي. قومپرست پارٽين پاران ڏنل سرد موٽ جو هڪ ڪارڻ اهو به آهي ته ورهين جا ورهيه پيپلز پارٽي نه رُڳو ساڻن سياسي رابطو ناهي رکندي پر اُٿندي ويهندي کين اسيمبليءَ جون سِيٽون کٽي نه سگهڻ جا مهڻا به ڏيندي رهندي آهي. مشرف جي دور ۾ جڏهن پيپلز پارٽي مخالف ڌر ۾ هجڻ سبب سنڌ جي مسئلن جهڙوڪ: ڪالاباغ ڊيم، گريٽر ٿر ڪينال ۽ اين ايف سي ايوارڊ تي تمام گهڻو سرگرم هوندي هُئي. تڏهن اها لڳاتار قومپرست پارٽين سان رابطي ۾ رهندي هُئي ۽ ڪيترن ئي فورمن تي ساڻن گڏ جدوجهد ۾ به هوندي هُئي. ان کانپوءِ اقتدار ۾ اچڻ سبب پيپلز پارٽي قومپرست ڌرين، ليکڪن ۽ سول سوسائٽي جي سرگرم ماڻهن سان واسطا، ناتا قائم رکڻ جي ضرورت محسوس نه ڪئي. پ پ قيادت شايد ئي انهن اڳواڻن سان ڪڏهن سنڌ جي معاملن تي ڪو رابطو رکيو يا ڪو صلاح مشورو ڪيو. ٻٽي مڪاني نظام، آدم ڳڻپ، ٻيٽن تي والار جهڙن معاملن تي ان ڪنهن به ڌُر سان ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ڪئي. هاڻي به جڏهن پ پ حڪومت آدم ڳڻپ وارو معاملو گڏيل مفادن واري ڪائونسل ۾ منظوريءَ لاءِ کڻي وئي ته، ان ڪنهن به قومپرست ڌُر سان ڪا به صلاح نه ڪئي ۽ نه کين اعتماد ۾ ورتو. تازي آدم ڳڻپ جڏهن شروع ٿيڻ واري هُئي ته، سنڌ جي سياسي تنظيمن ۽ سول سوسائٽي مهڙ کان دانهون پئي ڪيون ته، اڻپوري تياري، غلط وقت جي چونڊ، سڃاڻپ ڪارڊ جو شرط ختم ڪرڻ سبب اها آدم ڳڻپ غلط رخ ۾ وڃڻ جو انديشو آهي. تڏهن به پيپلز پارٽي انهن دانهن کي ڪن ڏئي نه ٻُڌو ستت جڏهن کين اندازو ٿيو ته هِيءَ سڄي راند کين ئي ڳچيءَ ۾ پئجي سگهي ٿي ته هنن کي خيال آيو ته اها آدم ڳڻپ ٺيڪ نه پئي ٿئي. هن وقت پي ڊي ايم حڪومت کي چونڊون وقت تي نه ڪرائڻ لاءِ جيڪي بهانا گهرجن. تن ۾ امن امان ۽ معيشت کان وڌيڪ سگهارو بنياد نئين آدم ڳڻپ مڪمل نه ٿي سگهڻ به هوندو، ڇو ته، نيون تڪبنديون نئين آدم ڳڻپ موجب ٿيڻيون آهن. اهو ئي ڪارڻ آهي جو ان آدم ڳڻپ جي محرڪ ٻنهي جماعتن يعني پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم ٻنهي کي ان تي اعتراض ٿي پيا آهن. صاف ظاهر آهي ته هاڻي اها آدم ڳڻپ مڪمل طور تي تڪراري ٿي چُڪي آهي. سنڌ حڪومت، قومپرست ڌريون ۽ سول سوسائٽي سميت سڀ ان کي رد ڪري رهيا آهن. ايترن اعتراضن. وڏي وزير جي وفاقي وزير کي لکيل خط ۽ سنڌ اسيمبليءَ جي ٺهراءُ جي باوجود آدم ڳڻپ ڪرائيندڙ اداري سرڪار جي ميزبانيءَ هيٺ منعقد ٿيل گهڻ پارٽي ڪانفرنس کان هڪ ڏينهن اڳ هڪ پريس پڌرائي جاري ڪري سڀ ڪم ٺيڪ ٿي رهيو آهي هُجڻ جي دعويٰ ڪئي. ان مان اندازو ٿئي ٿو ته واسطيدار ادارو سنڌ حڪومت ۽ سنڌ واسين جي اعتراضن کي ڪيترو سيريس پيو وٺي.
اصولي طور تي جڏهن گهر ڳڻپ واري مرحلي تي هيترا سارا مسئلا سامهون آيا آهن ۽ سنڌ واسين جا خدشا به ٺيڪ ثابت ٿيا آهن ته هن مرحلي تي ساهي پٽي پهرين انهن سامهون آيل خدشن ۽ مسئلن جو تدارڪ ڪجي ها. گهر ڳڻپ جا غير سرڪاري طور سامهون آيل انگ اکر کڻي سنڌ سرڪار کي بنا دير آدم ڳڻپ وارو عمل روڪرائڻ گهرجي. سامهون آيل اڻ تصديق ٿيل انگ ته ايڏو وڏو گهوٽالو ٿا ڏيکارين جو لڳي ٿو ته اها آدم ڳڻپ ڪهڙي به طرح اڳتي نه وڌي سگهندي. انهن انگن موجب سنڌ جي ايڪڙ ٻيڪڙ کي ڇڏي سمورن ضلعن ۽ تعلقن ۾ گهرن/گهراڻن جو انگ گذريل 2017ع واري ڳڻپ کان به گهٽ آهي. سنڌ حڪومت ته ان آسري گڏيل مفادن واري ڪائونسل مان آدم ڳڻپ منظور ڪرائي هُئي ته، 2017ع ۾ سنڌ کي گهٽ ڳڻيو ويو آهي.
ساڳي طرح سنڌ سرڪار کي بعد ۾ سمجهه ۾ آيو ته، سڃاڻپ ڪارڊ پڇڻ کانسواءِ گهر ڳڻپ جو عمل شفاف نه ٿي سگهندو. جڏهن سنڌ جي اعتراضن کانپوءِ سڃاڻپ ڪارڊ کي شامل ڪيو ويو ته ان کي به رُڳو نالي ماتر رکيو ويو آهي. اصولي طور ان فارم کي نادرا جي ڊيٽابيس سان ڳنڍيو وڃي ها ته جيئن سڃاڻپ ڪارڊ جو نمبر وجهڻ شرط ان فرد جي سڄي ڪُٽنب جي ڊيٽا به نظر اچي وڃي ها. ان سان غلط ڳڻپ ڪرائڻ کان ماڻهو پاسو ڪن ها. هاڻي سڃاڻپ ڪارڊ اوهان وٽ نه به هجي تڏهن به اوهان کي ڳڻيو ويندو ۽ جيڪڏهن اوهان وٽ ڪارڊ يا ان جو نمبر موجود آهي ته ڊجيٽل فارم ۾ داخل ڪرڻ سان اهو ان جي ڪابه تصديق نٿو ڪري سگهي ڇو ته، اهو فارم نادرا جي ڊيٽا سان ڳنڍيل ئي ناهي. اصل ۾ سڃاڻپ ڪارڊ يا ڪا به ٻي سُڃاڻپ جهڙوڪ: آڱرين جا نشان، ووٽر لسٽ ۾ نالو شامل ڪرڻ سان سنڌ ۾ موجود غير قانوني رهواسين جي نشاندهي ڪرڻ سولي ٿي پوي ها. حڪومت کي اهو به موقعو ملي ها ته، سڃاڻپ ڪارڊ نه رکندڙ قانوني شهرين کي مهيني اندر خاص مهم وسيلي نادرا جو سڃاڻپ ڪارڊ ڏياري سگهي ها ۽ گهربل دستاويز نه فراهم ڪري سگهندڙ غير قانوني رهواسين جي نشاندهي به ٿي وڃي ها. اڳتي هلي سنڌ حڪومت ان ڊيٽا جي آڌار وفاق کان واڌو مالي وسيلا به گهري سگهي ها ۽ غير قانوني ڌارين بابت ڪا پاليسي به ٺهي سگهي ها.
قومپرست پارٽين پاران ان ڪانفرنس ۾ نه اچڻ جو هڪ ٻيو ڪارڻ اهو به آهي ته، پ پ اها ڪانفرنس ڪوٺائڻ ۾ غير ضروري دير ڪري ڇڏي. جڏهن گهر ڳڻپ شروع ٿيڻ کان اڳ ئي ان جي تياري، فارم ۽ سڃاڻپ ڪارڊ وغيره جهڙن معاملن تي سنڌ ۾ خدشن جو اظهار شروع ٿي ويو هو ته، پيپلز پارٽي حڪومت کي ان وقت ئي ڳڻپ واري کاتي سان لهه وچڙ ڪري گهر ڳڻپ شروع ڪرڻ کان اڳ ئي ان عمل کي روڪرائڻ گهرجي ها. هاڻي ته ڳڻپ وارو ادارو بيان جاري ڪري چئي رهي آهي ته سڀ ڪم ٺيڪ پيو ٿئي ته پوءِ هن وقت ان عمل کي ڪيئن روڪي سگهبو. سنڌ حڪومت وفاق کي خط به لکي چُڪي، ٺهراءُ به بحال ڪرائي چُڪي. وزير اعليٰ پاڻ وزير اعظم سان به ملي چُڪو ۽ پارٽي سربراهه اهو بيان به ڏئي چُڪو ته، هن طرح سان ٿيندڙ آدم ڳڻپ کي قبول نه ڪيو ويندو ته پوءِ باقي هي عمل جاري رکڻ جو ڪهڙو جواز آهي. سنڌ جي وڏي وزير وفاقي وزير کي لکيل خط ۾ اهو چتاءُ به ڏنو هو ته ٿي سگهي ٿو ته سنڌ سرڪار ان ڏس ۾ فراهم ٿيندڙ انتظامي سهڪار جاري نه رکي، سڀ آپشن ختم ٿيڻ کانپوءِ ته هاڻي سنڌ حڪومت وٽ اهو ئي رستو باقي بچي ٿو. ملڪي ناڻي مان 35 ارب رپين جو هن معاشي گهوٽالي وقت خرچ ائين لُڙهڻ نه گهرجي ها. ڳڻپ واري کاتي کي هوڏ تان لهي سڀني سان ڳالهه ٻولهه ڪري ڊيٽا جي مسئلن کي نبيري پوءِ اڳتي وڌڻ گهرجي.
فوري طور تي آدم ڳڻپ کي اتي بريڪ هڻي پهرين گهر ڳڻپ جي ڊيٽا سنڌ جي عوام، حڪومت، سياسي ڌرين ۽ سول سوسائٽيءَ سان ونڊڻ گُهرجي. سنڌ حڪومت پهرين ان ڊيٽا جو شمارياتي، سائنسي بنيادن تي جائزو وٺي ۽ جن علائقن ۾ ڊيٽا منطقي واڌ کان هٽيل آهي ته پهرين اتي ڳڻپ ٺيڪ ڪرائجي ۽ پوءِ آدم ڳڻپ ڪرائجي. هن صورتحال ۾ جڏهن گهر ڳڻپ واري عمل بابت اڻ چٽائي آهي، ان آڌار فردن جي ڳڻپ ڪرائڻ ٺيڪ نه ٿيندو. آدم ڳڻپ جي سموري رٿابندي کي نئين سر ڪري سمورين ڌرين کي اعتماد ۾ وٺي آدم ڳڻپ جو عمل پوءِ ڪرائڻ گهرجي.