ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) ڪراچي يونيورسٽي جي ليبارٽري عدالتي هدايت تحت ايڌي قبرستان مان ڪڍيل لاش جي مصطفيٰ عامر طور سڇاڻپ ڪري ڇڏي، ان ڏس ۾ ڊي آءِ جي (سي آءِ اي) مقدس حيدر ٻڌايو ته جمعي تي مواڇ ڳوٺ ۾ واقع ايڌي قبرستان مان ميڊيڪل بورڊ پاران ڪڍيل لاش جي سڃاڻپ 23 ورهين جي مصطفى عامر طور ٿي آهي، هن چيو ته اسان کي ڪراچي يونيورسٽي جي فارنزڪ ليب مان ڊي اين اي رپورٽ ملي وئي آهي، جيڪا مقتول جي والده ۽ جوابدار ارمغان جي گهر مان ملندڙ رت جي سيمپل سان ميچ ٿي آهي. هن ٻڌايو ته يونيورسٽي جا لاڳاپيل ماهر جمعي تي سڄي رات ليب ۾ موجود رهيا، هنن ڇنڇر تي پنهنجون نتيجا پوليس حوالي ڪيا. ڪيس جي جاچ بابت هن ٻڌايو ته جاچ ڪندڙ آفيسر مک جوابدار ارمغان ۽ سندس ساٿي شيراز کي بلوچستان ۾ ان هنڌ وٺي ويا، جتي هنن مصطفى عامر جي لاش کي ساڙيو هو. هن چيو ته ارمغان کي شڪ هو ته مصطفى سندس ڪاروبار ۾ ‘مداخلت’ ڪري رهيو هو، جيڪو قتل جو بنيادي ڪارڻ نظر اچي ٿو.
ڪراچي(رپورٽ: عرفان شاهه) ڪراچي جي خاص عدالت شهر جي پوش علائقي ڊفينس ۾ اغوا بعد قتل ڪيل نوجوان مصطفيٰ عامر واري ڪيس ۾ گرفتار ارمغان قريشي ۽ شيراز کي وڌيڪ 5 ڏينهن جي ريمانڊ تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو، عدالت جاچ آفيسر کي حڪم ڏنو ته ايندڙ ٻڌڻي تي جاچ مڪمل ڪري اڳڀرائپ واري رپورٽ پيش ڪئي وڃي، جڏهن ته ٻنهي جوابدارن جو طبي معائنو ڪرائي ميڊيڪل رپورٽ به جمع ڪرائي وڃي، ڪالهه ٻڌڻي دوران عدالت ۾ ارمغان ٽيهر هيٺ ڪري بيهوش ٿي ويو، جنهن تي عدالتي عملي کيس هوش ۾ آڻڻ لاءِ منهن تي پاڻي جا ڇنڊا ڏنا، عدالت جوابدارن کان پڇاڻو ڪندي چيو ته ڇا پوليس توهان تي تشدد ڪيو آهي، جنهن تي جوابدارن چيو ته ها، پوليس پاران تشدد ڪيو ويو آهي، اهو چئي ارمغان هيٺ ڪري، بيهوش ٿي ويو، جاچ آفيسر چيو ته مقتول مصطفيٰ جي قبر ڪشائي ڪري لاش تحويل ۾ ورتو ويو آهي، مقتول جي لاش جا جزا ڊي اين اي لاءِ فرانزڪ ليب ۾ اماڻيا ويا آهن، جاچ آفيسر استدعا ڪئي ته ته جوابدار جو ليپ ٽاپ ۽ ٻيو سامان هٿ ڪرڻو آهي، ڪيس ۾ هڪ ڇوڪري زوما ۽ 2 سهولتڪارن جي ڳولا ڪرڻي آهي، ڪالهه ارمغان جي ماءَ وڪيل طاهر رحمان جو وڪالت نامو پيش ڪري ڇڏيو، جنهن تي عدالت جوابدار کان پڇاڻو ڪيو ته ڇا هي اوهان جو وڪيل آهي؟ جنهن تي ارمغان چيو ته نه منهنجو ڪو به وڪيل ناهي ، عدالت ۾ ارمغان جي والده چيو ته پٽ هي اوهان جو وڪيل آهي، اسان هن وڪيل کي اوهان لاءِ مقرر ڪيو آهي، جنهن تي ارمغان چيو ته نه، آئون وڪيل نه ٿو مڃان، هي منهنجو وڪيل ناهي، جوابدار ارمغان الزام مڙهيندي چيو ته کيس بلوچستان وٺي وڃي ڀڄڻ جو چئي گولي هڻڻ جو چيو ويو، ٻڌڻي دوران جوابدار شيراز جي وڪيل پيش ٿي چيو ته شيراز جو انهي ڪيس سان ڪو به تعلق ناهي، ليڊي پوليس بنا شيراز جي گهر تي ڇاپو هڻي سندس ڀيڻ جو ليپ ٽاپ کنيو ويو، جاچ آفيسر چيو ته قالين تي رت جا 2نمونا مليا آهن، هڪ نمونو ڪيس جي فريادي سان ميچ ڪري ويو آهي، ٻيو نمونو هڪ نامعلوم عورت آهي، جوابدارن پڇا ڳاڇا دوران ٻڌايو ته زوما نالي هڪ ڇوڪري کي به واقعي کان هڪ ڏينهن اڳ ساڳئي ڪمري ۾ تشدد جو نشانو بڻايو ويو هو، جاچ آفيسر موجب ارمغان غير قانوني ڪال سينٽر ۽ سافٽ ويئر هائوس هلائي رهيو هو، ارمغان کان مني لانڊرنگ جي به جاچ ڪرڻ جي ضرورت آهي.
ادڪار ساجد حسن جو پٽ گرفتار: منشيات ملڻ جي دعويٰ
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر ) ڪراچي پوليس ڊفينس جي علائقي مان سينيئر ادڪار ساجد حسن جي پٽ کي گرفتار ڪري منشيات هٿ اچڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ڊي آءِ جي (سي آءِ اي) مقدس حيدر ٻڌايو ته نوجوان مصطفيٰ عامر جي قتل کانپوءِ پوليس ڊي ايچ اي ۾ ڪارروائي ڪري اداڪار ساجد حسن جي پٽ ساحر حسن کي گرفتار ڪري سندس گهر مان اڌ ڪلو چرس هٿ ڪيو. هن چيو ته گرفتار ڪيل ساحر آمريڪا مان مختلف چينلن ذريعي منشيات آڻيندو هو. ساحر شهر جي پوش علائقن ۾ ٿيندڙ پارٽين ۽ شاگردن کي منشيات فراهم ڪرڻ ۾ ملوث هو. ڊي آءِ جي حيدر واضح ڪيو ته ساحر حسن کي مصطفيٰ قتل ڪيس ۾ نه منشيات خلاف مهم دوران گرفتار ڪيو ويو آهي.