حيدرآباد: نينگر رشيد کوسي جي لاش جو پوسٽ مارٽم ڪندڙ ايم ايل او ڊاڪٽر محمود ٻڌايو ته نينگر جي ساه واري نالي بند ٿي جنهن سبب سندس دم پرواز ٿيو, ايم ايل او موجب ته نينگر جي ڳلي تي تار جا نشان هئا جڏهن ته انهن سندس جسم مان ڊي اين اي ٽيسٽ لاءِ نمونا ورتا آهن جيڪي ليبارٽريز اماڻيا ويندا ايم ايل او ڊاڪٽر محمود اهو به ٻڌايو ته نينگر متان نشي آور ڪا شيءِ واپرائي هجي يا وري ڪنهن هن کي زهر ڏنو هجي ان لاءِ جزا ورتا ويا آهن جيڪي ڪيميڪل لاءِ اماڻيا ويندا ۽ نينگر سان جنسي ڏاڍائي واري شڪ کي نظر ۾ رکندي ويهڪ واري جاءِ تان به سيمپل ورتا ويا آهن جيڪي ڊي اين اي لاءِ لمس اماڻيا ويندا هن چيو ته نينگر جي لاش جي شروعاتي پوسٽ مارٽم رپورٽ اڄ پوليس حوالي ڪئي ويندي.