هن وقت جيتوڻيڪ حد کان وڌيڪ گرمي هلي رهي آهي، اتي ڪجهه اهڙا وائرس به اچي ويا آهن، جيڪي عام طور تي گرمين ۾ ناهن ايندا. هن وقت اوهان ڊاڪٽرن وٽ ماڻهن کي ساهه ۾ تڪليف، بخار، لڱن ۾ سور جي شڪايت کڻي ايندي ڏٺو هوندو. انهن مريضن ۾ ڏينهون ڏينهن اضافو ٿيندو پيو وڃي، اهو اصل ۾ آر ايس وي Respiratory Syncytial Virus Vaccine عام وائرس آهي، جيڪو خاص طور تي ننڍن ٻارن، حاملا عورتن جي جنم وٺندڙ ٻارن ۽ وڏي عمر (60) سالن کان مٿي جي ماڻهن لاءِ خطرناڪ ٿي سگهي ٿو. هي وائرس عام طور تي ساهه جي بيمارين جو سبب بڻجي سگهي ٿو. جيئن نمونيا (pneumonia) برونڪائٽس (bronchiolitis) شامل آهن. پر ان لاءِ آر ايس وي ويڪسين ماڻهن کي آر ايس وي وائرس کان بچائڻ لاءِ تيار ڪئي وئي آهي، خاص طور تي انهن لاءِ جيڪي خطري واري گروپ ۾ اچن ٿا. ويڪسين جسم جي مدافعتي نظام کي متحرڪ ڪري ٿي ته جيئن وائرس خلاف اثرائتي طور سان وڙهي سگهجي.
هڪ ٻي ريسرچ ۾ آر ايس وي ويڪسين جي حوالي سان ٻڌايو ويو آهي ته هي هڪ عام وائرس آهي، جيڪو انسانن جي ساهه جي نالن (respiratory tract) تي حملو ڪري ٿو، خاص طور تي ننڍن ٻارن تي، ڳورهارين عورتن تي، ۽ پوڙها شامل آهن. انهن جو مدافعتي نظام کي ڪمزور ڪيو ويندو ويندو آهي. ان سان انساني جسم هلڪو يا ٿڌو ٿي ويندو آهي، ان ۾ ڪنهن ڪم جي ڪا صلاحيت ئي ناهي هوندو. RSV هڪ وائرس آهي، جيڪو انساني جسم ۾ داخل ٿي تنفس جي نالين ۾ سوڄ، بلغم ۽ ساهه جي تڪليف پيدا ڪري ٿو. متاثر ٿيل ماڻهو جي کنگهه يا ڇڪ مان نڪرندڙ ڦڙڪن (droplets) سان متاثر ٿيل شئي (رومال، رانديڪا، ٿانوَ وغيره) کي هٿ لڳائڻ سان هٿ، نڪ يا وات ذريعي جسم ۾ داخل ٿي ويندو آهي، جنهن سان نڪ مان پاڻي اچڻ، کنگهه، بخار، ساهه ۾ تڪليف يا گهٻراهٽ، ٻار ۾ کائڻ پيئڻ جي خواهش ۾ گهٽتائي، ننڍڙن ٻارن ۾ ساهه جي رفتار وڌي وڃڻ، ڳچيءَ يا سيني ۾ زور لڳائڻ شامل هوندو آهي. RSV جو ڪو خاص دوا يا اينٽي بايوٽڪ علاج ناهي، ڇاڪاڻ ته اهو وائرس آهي، نه بيڪٽيريا. علاج عام طور تي علامتن کي گهٽائڻ تي مبني هوندو آهي. اوهان ان کي گهريلو علاج سان به مڪمل طور تي ختم ڪري سگهو ٿا. ان لاءِ جسم ۾ پاڻيءَ جي کوٽ نه ٿيڻ ڏيڻي (hydration)بخار لاءِ پيراسيٽامول، کنگهه لاءِ مناسب دوا ڏني وڃي، جڏهن ته ٻاڦ وٺڻ کي به بهتر سمجهيو ويندو آهي.
آر ايس وي ويڪسين بابت خدشن جا سبب
نئين تحقيق موجب آر ايس وي ويڪسين بابت ماڻهن جي مونجهارن جا ٻه اهم سبب آهن: جعلي معلومات تي يقين ۽ ذاتي اخلاقي سوچ. آن لائن سروي ذريعي ٻن گروپن، يعني 60 سال کان مٿي بالغن ۽ حاملا عورتن، کان ڊيٽا گڏ ڪيو ويو. نتيجن مان ظاهر ٿيو ته جيڪي ماڻهو ويڪسين بابت سازشي نظريا يا غلط معلومات تي يقين رکندا آهن، اهي ويڪسين وٺڻ کان گهٻرائين ٿا. حاملا عورتن ۾ موت جهڙن نتيجن بابت انديشي سبب به هٻڪ وڌي وڃي ٿي، جنهن کي “غلطي جو تعصب” چيو وڃي ٿو. تحقيق مان اهو به ثابت ٿيو ته ماڻهو پنهنجن اخلاقي نظرين، جهڙوڪ: نتيجن يا فرض تي ٻڌل سوچ، جي بنياد تي فيصلو ڪندا آهن. تحقيق ڪندڙن ويڪسين بابت هٻڪ کي گهٽائڻ لاءِ عوامي آگاھي مهمن ۾ خاص تبديليءَ جي سفارش ڪئي آهي، ته جيئن جعلي معلومات کي منهن ڏئي سگهجي.
آر ايس وي (Respiratory Syncytial Virus) ويڪسين بابت عوام جي مونجهارن جي خاتمي لاءِ عالمي سطح تي ريسرچ ڪئي وئي آهي. جنهن ۾ ٻڌايو ويو آهي، ڪيترن ئي ملڪن ۾ ان وائرس لاءِ ماڻهن ۾ خوف پيدا ڪيو ويو آهي. ان ڪري ماڻهو ويڪسين ڪرائڻ کان لنوائي رهيا آهن، ڇو جو اهو وائرس ٻين مختلف وقتن تي ٻين علامتن سان وري ظاهر ٿيندو آهي، ان سان جڏهن ڳورهاري عورتن ويم ڪندي آهي، ته ان کي ان حوالي سان تڪليف به ٿيندي آهي، ان جو سبب اهو وائرس هوندو آهي، پر لڳندو آهي ته ان عورت کي کنگهه زڪام ٿي پيو آهي پر ائين ناهي هوندو، ان لاءِ انهن کي آر ايس وي ويڪسين فورن ڪرائڻ گهرجي. ان حوالي سان سائنسدانن تجويز ڏني آهي ته مستقبل جي تحقيق ۾ جعلي معلومات کي ختم ڪرڻ لاءِ خاص مداخلتن جي ضرورت آهي. اخلاقي رخ جي بنياد تي فيصلا ڪندڙن لاءِ خاص پيغام ترتيب ڏيڻ گهرجن.حاملا عورتن ۽ بزرگن جي نفسياتي فرق کي ذهن ۾ رکندي، پاليسين ۽ آگاهي مهمن کي ذاتي بڻائڻ گهرجي. ماهرن جو چوڻ آهي ته هِي مطالعو ظاهر ڪري ٿو ته آر ايس وي ويڪسين بابت هٻڪ صرف ڄاڻ جي کوٽ جو نتيجو ناهي، پر ان سان گڏ سماجي ۽ نفسياتي عنصر، جيئن جعلي معلومات، اخلاقي نظريا، ۽ سنجيدگي سان متاثر ٿيل فيصلو سازي، به بنيادي ڪردار ادا ڪن ٿا. حاملا عورتون خاص طور تي غفلت جي تعصب جو شڪار ٿي سگهن ٿيون، جڏهن ته بزرگ ماڻهن لاءِ اخلاقي رخ وڌيڪ اهميت رکي ٿو. ان ڪري، عوامي صحت جي مهمن کي خاص طور تي انهن عنصرن کي مدنظر رکندي ترتيب ڏيڻ جي ضرورت آهي.
جيڪڏهن اوهان جي ڪنهن مريض کي اهڙين علامتن کان ڪي وڌيڪ علامتون سمجهه ۾ اچن ٿيون ته ان لاءِ اوهان کي فورن پنهنجي فزيشن سان رابطو ڪرڻ گهرجي، پر هن وقت جنهن تيزيءَ سان اهڙي قسم جا وائرس ڦهلجي رهيا آهن، ان لاءِ اوهان پنهنجي ٻارن ۽ پوڙهن پڪن کي محفوظ ڪيو، ۽ اهڙين شين کان پرهيز ڪيو، جن سان ان قسم جا وائرس لڳن ٿا، پر ان لاءِ ضروري آهي ته ٻارن ۽ ڳورهارين عورتن کي فورن ان قسم جي ويڪسين ڪرائي پنهنجي مستقبل کي محفوظ بڻايو وڃي.