ملڪاڻي شريف(ن پ ا) ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڇھن نون ڪئنالن خلاف عوامي تحريڪ طرفان سانگي ڦرھو ۾ جھڏو روڊ کان مک چوڪ تائين ريلي ڪڍي ڌرڻو ھنيو ويو. ريليءَ جي اڳواڻي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري ڊاڪٽر دلدار لغاري، مھراڻ درس، مختيار بڪاري، جاکرو نوحاڻي، سريش ڪمار ڀيل، پرشوتم ڪولھي، متل ميمڻ، اڪبر ميمڻ، لکمڻ ڪولھي ۽ ٻين خطاب ڪندي چيو ته پاڻي جي هٿرادو کوٽ سبب سنڌ ۾ ڪربلا وارو منظر آھي، پاڻي نه هئڻ سبب ٺٽي سجاول ۽ بدين جي ساحلي پٽي مان لڏپلاڻ شروع ڪري ڇڏي آھي، انسان جانور پکي پکڻ پاڻي جي ڦڙي لاءِ تڙپن پيا. ڊيلٽا مڪمل طور تي تباهه ٿي چُڪو آهي. ڪاري ڏڪار واري صورتحال جي باوجود پنجاب جي حڪمران طبقي تونسا پنجند ۽ چشما جهلم لنڪ ڪئنال جهڙا ڌاڙيل فلڊ ڪئنال کولي ڇڏيا آھن، سنڌ جو پاڻي بند ڪري پنجاب جي ڊيمن کي پاڻي سان ڀريو پيو وڃي. پاڪستان جي اسٽيبلشمينٽ ۽ پنجاب جو حڪمران طبقو طاقت ۽ ڏنڊي جي زور تي سنڌو درياءَ تي ڌاڙي هڻڻ سان گڏ سنڌ جي لکين ايڪڙ زمينن تي ڪارپوريٽ فارمنگ جي وسيلي قبضو ڪري سنڌي قوم کي ديوار سان لڳائي رهيو آهي. پ پ پ پارٽي ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ سنڌو درياءَ جي پاڻي تي لڳندڙ ڌاڙي تي چٽو موقف رکڻ ۽ قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان سنڌ دشمن منصوبن کي ھميشه لاءِ رد ڪرائڻ بدران ڍونگ رچائي عوام کي گمراهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رھي آھي.