سکر (بيورو رپورٽ) سانگي ۾ پوليس پاران عورتن مٿان تشدد ڪرڻ وارو معاملو، ڊي آءِ جي سکر هڪ اي ايس آءِ ۽ ٽن اهلڪارن کي معطل ڪندي لائين حاضر ڪري ڇڏيو، ڊي ايس پي روهڙي کي ستن ڏينهن اندر انڪوائري ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت، متاثر ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو، تفصيل موجب ڊي آءِ جي سکر سانگي ۾ عورتن مٿان پوليس اهلڪارن جي بيرحماڻي تشدد جو نوٽيس وٺندي اي ايس آءِ مختيار ڀٽو، ڊرائيور شفقت منگي، سپاهي عابد ملڪ ۽ مختيار مهيسر کي معطل ڪندي لائين حاضر ڪري ڇڏيو آهي، ڊي آءِ جي سکر ڊي ايس پي روهڙي مشتاق شاهه کي معاملي جي جاچ ڪري ستن ڏينهن اندر رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، ڊي آءِ جي چيو ته عورتن مٿان تشدد ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو، انڪوائري رپورٽ ۾ اصل حقيقتون سامهون اچڻ بعد ملوث اهلڪارن خلاف وڌيڪ ڪارروائي ڪئي ويندي، هوڏانهن متاثر ڳوٺاڻن معصوم ٻارڙا ساڻ ڪري انصاف لاءِ سکر پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو، ان موقعي تي پير بخش جتوئي الزام مڙهيندي چيو ته پوليس برادريءَ جي بااثر ماڻهن جي وانگار وهندي اسان جي گهرن تي حملو ڪيو، پوليس جي حملي ۾ ٽي عورتون ۽ ٻار تشدد زخمي ٿيا، جڏهن ته پوليس شديد شيلنگ، فائرنگ ڪرڻ بعد ٽي لک روڪ رقم، ٽي تولا سون کڻي وئي ۽ ٻه ٻڪريون، ٻه ڇيلا ڪاهي وئي، جڏهن ته حاڪم جتوئي کي کنڀي گم ڪري ڇڏيو آهي، گرفتاري بعد گم ڪيل جي آزادي لاءِ عدالت سان به رجوع ڪيو آهي، جنهن تي پوليس ڪيس تان هٿ کڻڻ لاءِ ڌمڪائي رهي آهي، هنن مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي انصاف ڏياريو وڃي.