پنوعاقل (ن پ ا) سکر پوليس پنوعاقل جي ڪچي واري علائقي ۾ آپريشن ٽن مغوين کي بازياب ڪرائڻ جي دعويٰ ڪئي آھي. ان حوالي سان ٻڌايو وڃي ٿو ته سانگيءَ جا رهواسي ٽي نوجوان خورشيد ڪٽو، توفيق ۽ وقار ڪٽو ڏيڍ مهينو اڳ عورتاڻي آواز تي ھرکجي اغوا ٿي ويا هئا. پوليس دعويٰ ڪئي آهي ته ٽنهي مغوين کي پنوعاقل جي ڪچي ۾آپريشن بعد بازياب ڪرايو ويو آھي. ايس ايس پي سکر سنگھار ملڪ موجب پنوعاقل جي ڪچي واري علائقي ۾ آپريشن دوران ٽنھي مغوين کي بازياب ڪرائي وارثن حوالي ڪيو ويو آھي. واضح رھي ته ڏيڍ مھينو اڳ سانگي واسي نوجوان گھوٽڪي ويندي اغوا ٿي ويا ھئا. پوليس موجب ٽيئي نوجوان عورتاڻي آواز تي ھرکجي اغوا ٿي ويا ھئا.