سانگهڙ/شهدادپور/شاهپور چاڪر (نمائندن وٽان) چونڊن جون تياريون زور وٺي ويون، صدرالدين شاهه راشدي به پنهنجي اميدوارن کي کٽرائڻ لاءِ سانگهڙ جي مختلف علائقن ۾ پهتو. ان سلسلي ۾ صدرالدين شاهه راشدي  شاهپور چاڪر جي مدرسه مفتاع العلوم عزيزيا پهتو، جميعت علماءِ اسلام طرفان صوبائي اسيمبلي جي تڪ پي ايس 44 تي شاهپور چاڪر جي عورت اميدوار شائسته شعيب عباسي کي جي ڊي اي جي اميدوار محمد بخش خاصخيلي جي حق ۾ هٿ کڻائڻ لاءِ گزارش ڪئي جنهن تي جميعت علماء اسلام اميدوار چونڊن تان دستبرادر ٿي وئي ان موقعي تي صدرالدين شاه راشدي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته  چونڊون ضرور ٿينديون سپريم ڪورٽ جو واضح حڪم آهن، بلاول جو نالو وٺڻ کانسواءِ هن چيو ته اڳوڻو صدر چئي چڪو آهي ته هو سياسي نابالغ آهي، کيس سياسي  بالغ ٿيڻ ڏيو پوءِ ڀلي وزير اعظم ٿئي، پيپلز پارٽي مخالف ووٽ 60 سيڪڙو کان وڌيڪ آهن، اسان جي ڪوشش آهي ته انهن کي گڏ ڪري هڪ ئي پليٽ فارم جي ڊي اي تان مقابلو ڪريون. امن امان جي خراب صورتحال تي  عوام مايوس آهي، عوام ضرور پنهنجو ۽ پنهنجي ٻارن جي مستقبل بابت سوچيندا ۽ فيصلو ڪندا.  اين ايف سي ايوارڊ جا سمورا پئسا ضايع ٿي ويا. ڪو به ترقياتي منصوبو مڪمل ناهي ٿيو سنڌ موئن جو ڌڙو ڪري ڇڏيو آهي ، مٿي کان لسٽون ٺهي رهيون آهن ته ڪير اهل آهي ۽ ڪير نااهل آهي، اسان کي به انتظار آهي.ته انهن لسٽن ۾ ڪير شامل آهن اسلام آباد وارن کي هڪ دفعو سنڌ جي عوام لاء  سوچڻو پوندو.