سانگهڙ (رپورٽر) سانگهڙ ۾ اي سي شفيق آريسر حددخلين خلاف آپريشن ڪندي دڪاندارن جا ڇپرا توڙي دڪان ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيا، اي سي ٻڌايو ته سرڪاري طور حد ڏيڻ باوجود دڪاندار نه پيا مڙن، روڊن تي ڇپرا اڏي دڪان ٺاهي روڊن کي تنگ ڪيو ويو آهي، جنهن ڪري شهر اندر ايندڙ ويندڙ ماڻهن کي ڏکيايون پيش اچي رهيون آهي، هن چيو ته عوامي شڪايتن تي ڪارروائي ڪئي آهي، دڪاندار با اثر ڇو نه هجن سڀني خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي، دڪاندارن چيو ته ملڪ جون حالتون ٺيڪ ناهن، ڪاروبار ٺپ آهن، مٿان وري اڏاوتون ڊاهي لکين رپين جو نقصان ڪيو پيو وڃي، هنن چيو ته نئين نقشي موجب اسان ڪا به انڪروچمينٽ ناهي ڪئي.