نئون آباد (ن پ ا) ايس ايس پي سانگهڙ پاران نئون آباد واسي ڄام نواز علي ٿاڻي تي ڊيوٽي ڪندڙ عبدالرحيم کوسي کي هڪ عورت جي شڪايت تي پوليس لائين ۾ ڪوارٽر گارڊ ڪيو هو، جنهن کي فوت ٿي ويل ڀاڻيجي جو منهن ڏسڻ ۽ آخري رسمن ۾ شريڪ ٿيڻ لاءِ آزاد نه ڪيو ويو، جڏهن ته فوتي نوجوان جو آخري ديدار کيس واٽس اپ جي ويڊيو ڪال ذريعي ڪرايو ويو، ايس ايس پي جي اهلڪار کي آخري رسمن ۾ آزاد نه ڪرڻ تي سوشل ميڊيا تي سخت تنقيد ڪئي پئي وڃي، ٻڌايو پيو وڃي ته نئون آباد شهر ۾ هوٽل تي مزدوي ڪندڙ هڪ شخص جي زال اهلڪار تي ناجائز لاڳاپا رکڻ لاءِ تنگ ڪرڻ جو الزام هنيو هو، عورت تڪ جي ايم اين اي کي اهڙي دانهن ڏني، جنهن بعد ايس ايس پي سانگهڙ بشير احمد بروهي نوٽيس وٺندي اهلڪار کي سانگهڙ پوليس لائين ۾ ڪوارٽر گارڊ ڪري ڇڏيو.