سانگهڙ (ن پ ا) پيپلزپارٽي ۽ جي ڊي اي جي اميدوارن وچ ۾ اليڪشن ڪميشن جي آفيس ۾ خواجه سرا جي مخصوص سيٽ تان ڇڪتاڻ بعد جھيڙو ٿي پيو، جھيڙي دوران فائرنگ، سروٽا لڳڻ سبب 3 وڪيل ۽ 3 جي ڊي اي جا ڪارڪن زخمي ٿي ويا، زخمين ۾ عارف حسين پٽ زاهد حسين، عرفان جوڻيجو ،حسنين نظاماڻي ،گاجي خان نظاماڻي، احسن سني ۽ ٻيا شامل آهن، جن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٻي طرف ڊسٽرڪٽ بار صدر ايڊووڪيٽ سنيل ڪمار پڙهيار، ايڊووڪيٽ سعيد خان نظاماڻي ٻڌايو ته پيپلزپارٽي جي شرپسندن اسان جي وڪيلن تي حملو ڪري ظلم جي انتها ڪئي آهي، وڪيل اڄ هيرنگ لاءِ اليڪشن ڪمشنر جي آفيس ۾ ويل هيا، جتي پيپلزپارٽي جي شر پسندن حملو ڪري شديد زخمي ڪيو آهي،هوڏانهن جي ڊي اي اڳواڻ عبدالحڪيم راڄڙ ٻڌايو ته پيپلزپارٽي طرفان خواجه سرا جي مخصوص سيٽ تي جيڪو نالو ڏنو، جنهن تي اسان اعتراض واريو ته 22 مئي تي جنس مٽائڻ جو سرٽيفڪيٽ ورتو ويو آهي، جيڪو قابل قبول ناهي، جنهن تان پيپلزپارٽي جي شر پسندن اسان جي اميدوارن ۽ وڪيلن تي حملو ڪري زخمي ڪري ڇڏيو آهي، پوليس حڪومتي ڌر جي ونگار وهي رهي آهي، ٻي طرف پيپلزپارٽي اڳواڻ جبار يوسفزئي ٻڌايو ته جي ڊي اي جي شر پسندن اليڪشن ڪمشنر جي آفيس ۾ اسان مٿان حملو ڪيو آهي، جنهن ۾ اسان جا 2 ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن، زخمين ۾ سهيل قريشي ۽ آئون پاڻ شامل آهيان.جڏهن ته اليڪشن ڪميشن شاهنواز بروهي ٻڌايو ته خواجه سرا جي مخصوص سيٽن تي اميدوارن جي اعتراض تي پيپلزپارٽي ۽ جي ڊي اي جي ڪارڪنن جو پاڻ ۾ اليڪشن آفيس اندر جهيڙو ٿي پيو آهي ٻي طرف پيپلزپارٽي ۽ جي ڊي اي جي اميدوارن وچ ۾ ٿيل جهيڙي جي ايف آءِ آر سانگهڙ ٿاڻي تي داخل ڪئي وئي آهي، پيپلزپارٽي اڳواڻ جبار يوسفزئي جي فرياد تي ڊسٽرڪٽ بار جي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ حسنين نظاماڻي، فنڪشنل مسلم ليگ ميونسپل ڪاميٽي ميمبر اﷲ بخش خاصخيلي، حسين نظاماڻي، عارف نظاماڻي، عامر نظاماڻي سميت 2 نامعلوم ماڻهن تي ڪيس داخل ڪيو ويو.