سانگهڙ (ن پ ا) سانگهڙ ويجهو باکوڙي موري وٽ مٺڙائو ڪئنال ۾ ٽريڪٽر کي ڌوئيندي پير ترڪڻ سبب 14 ورهين جو ارشد علي پٽ محمد امين لغاري ٻڏي ويو، جنهن جو لاش هٿ اچي نه سگهيو، وارثن پنهجي مدد پاڻ ڳولا شروع ڪري ڏني آهي، سندن چوڻ آهي ته مٺڙائو ڪئنال ۾ تيز وھڪري سبب نوجوان جي ڳولھا ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن، وارثن ضلعي انتظاميا کان ماھر ٽوٻن جي مدد لاءِ اپيل ڪئي آهي.