سانگهڙ(رپورٽر) ماکي مکڻ جي نالي سان مشهور علائقو آوڍ ڪيترائي سال گذري وڃڻ باوجود پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ڪري ڪيترائي ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، علائقي جي بحالي لاءِ آوڍ بچايو ڪاميٽي جوڙي وئي، جيڪا علائقي جي بحالي بابت قدم کڻندي انهي حوالي سان آوڍ بچايو ڪاميٽي جي اڳواڻ شاهجهان جوڻيجو جي اڳواڻي هيٺ فنڪشنل مسلم ليگ جي ضلعي آفيس ۾ اجلاس ٿي گذريو، جنهن ۾ ميمبرن ايڊووڪيٽ وقار حسين جٽ، حاجي ناظر حسين نظاماڻي، محمد حسن مري، غلام رسول بهڻ، جبار جوڻيجو، وسيم نظاماڻي، مريد حسين لغاري، سارنگ وساڻ سميت ٻين ميمبرن اجلاس ۾ شرڪت ڪئي ۽ آوڍ جي علائقي مان پاڻي نيڪال ڪرڻ بابت ڳالهين تي غور ويچار ڪيو ۽ ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ ڊاڪٽر عمران الحسن خواجه کي سموري صورتحال بابت آگاهي ڏيڻ تي پڻ ڳالهيون ڪيو ويون، آوڍ ڪاميٽي جي اڳواڻن شاھجھان جوڻيجو ۽ وقار حسين جٽ چيو ته آوڍ واري علائقي ۾ چوٽياريون ڊيم، نعاري واھه ۽ رانٽي جي سيپيچ سبب علائقو ٻڏي رهيو آهي سيپيج کي ختم ڪرڻ لاءِ 52 ٽيوب ويل ۽ پمپنگ اسٽيشن ٺاهيون ويون جيڪي غير فعال بڻيل آهن بجلي جو به نظام خراب لڳو پيو آهي، جلد عملي ڪم ڪرائي علائقي ۾ جلد بحالي آندي ويندي.