سانگهڙ (رپورٽر) اليڪشن ڪميشن جا حڪم حوا ۾ اڏامي ويا، سانگهڙ ۾ پ پ طرفان ٻڌايل بينرن جي سائيز جي ابتڙ وڏا بينر مختلف چوڪن چوراهن ۽ ديوارن تي لڳايا ويا، اهڙا بينر ميونسپل ڪاميٽي چيئرمين راشد اسلام مغل طرفان لڳايا ويا آهن، جن تي چيئرمين پنهجي تصوير به اميدوارن سان گڏ لڳرائي آهي، ان حوالي سان مختلف سياسي پارٽين جي اڳواڻن پ پ جي اهڙن بينرن تي اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس وٺڻ جي اپيل ڪئي آهي، واضح رهي ته گذريل ڏينهن ميونسپل چيئرمين راشد مغل ڪرين مشين گهرائي مختلف بجلي جي پولن ۽ روڊن تي پ پ جا جهنڊا لڳايا هئا، جيڪا وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي هئي.