سانگھڙ (رپورٽر) سانگهڙ ويجھو منگلي ٿاڻي جي حد ڳوٺ عبدﷲ لغاري ۾ بي رحم پيءُ پنهنجي ٻن معصوم نياڻين ۽ گهر واري کي تيز ڌار اوزار سان ڳلا ڪپي قتل ڪري ڇڏيو ھو ، جوابدار کي شروعاتي پڇا ڳاڇا کان پوء گرفتار ڪيو ويو ، بي رحم پيءُ شان علي لغاري پنهجي ڌيءَ ٽن سالن جي سانول ۽ ڏيڊ سال جي سهجان لغاري سميت پنهنجي گهر واري 35 سالن رخسانه لغاري کي تيز ڌار اوزار سان ڳلا ڪپي جا قتل ڪري ڇڏيو، پاڙيسرين موجب قاتل شان لغاري گهر اندر قتل ڪرڻ بعد پنهنجي گهر اندر شور مچايو ته سندس گهر وارن کي ڪنهن قتل ڪيو آھي جنهن تي پاڙي وارا گڏ ٿي ويا جن اھڙو اطلاع منگلي پوليس کي ڏنو منگلي پوليس موقعي تي پھچي جوابدار شان لغاري کي گرفتار ڪري کائنس پڇاڻو ڪيو ته ان واردات ۾ استعمال ٿيل ڇري به پوليس کي ڪڍي ڏني جنهن تي منگلي پوليس بي رحم پي شان لغاري کي ٿاڻي تي منتقل ڪري ورتو، جڏھن ته مقتوله رخسانه جي والد محمد عباس جي پھچڻ تي سندس فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويو، فريادي دانھيندي چيو ته منھنجي ھڪ ئي ڌيءُ ھئي جيڪا شان سان پرڻيل ھئي، جنھن مون کي دانھون ڏنيو ته مون کي مار ڪٽ ڪري ٿو، شڪ ڪري ٿو، اسان کيس سمجھايو پر ھن مون کي به ڌمڪيون ڏنيون ۽ منھنجي ڌيءَ کي قتل ڪري ڇڏيو، قتل ٿي ويل عورت ۽ ٻارڙن جي جنازي نماز ڳوٺ عبدالله لغاري ۾ ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ علائقي جي ماڻهن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. گرفتار قاتل شان لغاري جي پيءُ سومر لغاري پنهجي اخبار کي ٻڌايو ته شان ڪراچي ۾ ڊائيوري ڪندو ھو ٻه ڏينهن اڳ ئي گهر آيو ھو، سندس دماغي توازن ٺيڪ نه رھندو ھو، ھو دماغي توازن جون دوائون پڻ کائيندو رهندو آھي، جڏھن ته اتي موجود مقامي ماڻهن کان معلومات وٺڻ جي ڪوشش ڪئي وئي ته انهن اھو چئي ڪجھه ٻڌائڻ کان انڪار ڪيو ته کين شان لغاري جي باري ۾ڪا به خبر ناھي ھو اڄ ئي اھڙو واقعو ٻڌي آيا آھن. قاتل شان لغاري پوليس ڪسٽيڊي ۾ اهو بيان ڏيندي چيو ته ڪارنهن الزام هيٺ گهر واري کي قتل ڪيو آهي ۽ ٻارن کي به گڏ قتل ڪيو آهي.