سنڌو ماتا جي پوتر پاڻيءَ ۾ مالڪ سائين پنهنجي خاص عنايت سان اهڙو خمير ۽ سٻنڌ رکيو آهي جو جڏهن کان هي ڌرتي وجود ۾ آئي آهي تڏهن کان اهڙا باضمير، سرويچ، سخن ور ۽ انسان دوست هر دور ۾ پئي جنميا آهن. جن پنهنجي سچائي، محنت ۽ قرباني سان انسانيت جو ڳاٽ هميشه اوچو پئي رکيو آهي.

                         اهڙن مڻيادار ماڻهن مان هڪ سانگهڙ جو هڏڏوکي، مسيحا ۽ دردمند دل رکندڙ سرڳواسي ڊاڪٽر نانڪ رام ڪيسناڻي به هو. ڊاڪٽر کڏڙي جي رهواسي ڪاڪي ٿانور داس جو ڇهون نمبر پٽ هو. هن پرائمري ۽ پوءِ مئٽرڪ کڏڙي جي پراونشل هاءِ اسڪول مان، انٽر مسلم سائنس ڪاليج حيدرآباد ۾ ايم بي بي ايس 1984ع ۾ ايل ايم سي ڄامشوري مان ڪرڻ بعد سرڪاري نوڪري ڪرڻ بجاءِ سانگهڙ ۾ الفقراء پريس ڀرسان 1986ع ۾ پنهنجي گرو (مرشد) نالي منوهر ڪلينڪ کولي جو سندس والد 1974ع کان پوءِ سانگهڙ لڏي آيو. ٿوري ئي عرصي ۾ سندس انسانيت واري جذبي کيس ايترو ته غريب ماڻهن جي ويجهو آڻي ڇڏيو جو سندس اسپتال تي صبح کان رات تائين مردن، عورتن ۽ ٻارڙن جا هجوم هوندا هئا. حالانڪه ان وقت ڊاڪٽر ڀاڳچند هرداساڻي، ڊاڪٽر قائم الدين ڏهر، ڊاڪٽر محمود راجپوت سانگهڙ جا مقبول ڊاڪٽر هئا. سندن هوندي ڪيترائي آيل ڊاڪٽر پير پڪا نه ڪري سگهيا. پر هي واحد نوجوان ملنسار ڊاڪٽر هو جيڪو مرڻ گهڙي تائين به اڳ جيان غريب ماڻهن لاءِ ڇپر ڇانو هو.

سندس اوچتو وڇوڙو ايئن ٿيو جو سانگهڙ جي مشهور گوڪلاڻي فيملي جو نوجوان ڊاڪٽر، اقليتي ايم پي اي سماجي شخصيت نند ڪمار گوڪلاڻي ۽ ڊاڪٽر ديوراج گوڪلاڻي جو سوٽ ڊاڪٽر جڳديش ڪمار گوڪلاڻي جو 2024-03-19 تي شام جو 5 وڳي سانگهڙ جي شمشان گهر ۾ اڳني سنسڪار بعد پنچائت جي اڳواڻ جي حيثيت ۾ سرڳواسي ڊاڪٽر جڳديش ڪمار جي ٽيجهي جو اعلان ڪري رهيو هو ته اوچتو کيس چڪر اچي ويو ۽ پٽ تي ويهي رهيو ۽ ٿوري دير ۾ پرلوڪ پڌاري ويو. سندس اهڙي دکدائڪ وڇوڙي تي سڄي ضلعي جي اقليتي برادرين ۾ سوڳ ڇانئجي ويو. ڊاڪٽر نانڪ رام انتهائي ماٺيڻو، مخلق ۽ انسانيت جي جذبي سان ٽمٽار شخصيت جو مالڪ هو. سندس شخصيت کي ٺاهڻ ۾ سندس وڏي ڀاءُ موهن داس ڪيسناڻيءَ جو وڏو هٿ هو. جيڪو پاڻ به هائي اسڪول جي زماني ۾ شاگرد اڳواڻ جي حيثيت ۾ جيل ياترا جا مرحلا پار ڪري، سانگھڙ ۾ سماجي خدمتن، تعليمي خدمتن، اقليتي سرگرمين ۽ پکين سان پيار ڪرڻ واري رستي تي جيئن هليو تاحال ان جذبي سان سانگهڙ ۾ هاڻ ڪراچيءَ ۾ خوشبو ڦهلائي رهيو آهي.

ان ڀاءُ کي ڏسي ڊاڪٽر نانڪ رام به لوئر هندو ويلفيئر پنچائت سنڌ ۾ عهديدار هو. جنهن ذريعي هن خاص طور سوين غريب هندو جوڙن جون شاديون ڪرائڻ ۾ ماٺ ميٺ ۾ وڏو ڪردار ادا ڪيو آهي ڊاڪٽر صاحب ڊاڪٽرس ايسوسيئيشن سانگهڙ جي اڳواڻ جي حيثيت ۾ پڻ هر سال ضلعي جي ڪيترن شهرن ۽ خاص طور پنهنجي اباڻي شهر کڏڙي ۽ سانگهڙ ۾ صحت ۽ اکين جي ڪئمپن لڳائڻ ۾ خدمت جي جذبي سان اڳي کان اڳڀرو رهيو. سندس پنهنجائپ جي سوچ ڪري هو سانگهڙ جي ڪيترن مکيه گهراڻن گوڪلاڻي، نظاماڻي، مري منڱريا، راڄڙ، مهر ۽ غريب اقليتي برادري جو فيملي ڊاڪٽر ۽ گهر ڀاتي ٿي رهيو. تاثراتي رجسٽر ۾ ايم پي اي سانگهڙ غلام دستگير راڄڙ، صحافي اسحاق منڱرئي، عاجز منگي، اسلم ميمڻ، اقليتي اڳواڻن نند ڪمار گوڪلاڻي، ڊاڪٽر ديوراج گوڪلاڻي، لنڊن ۾ رهندڙ اديب هري گوڪلاڻي، اڳوڻي ايم پي اي سعيد نظاماڻي، رئيس علي حسن نظاماڻي، انجينئر اشوڪ ڪمار سوني ۽ ٻين سندس سماجي خدمتن تي ڀيٽا پيش ڪندي لکيو آهي ته سنڌ جن هڏڏوکي، محبتي، انسان دوست ماڻهن جي ڪري دنيا ۾ سڃاتي وڃي ٿي. ڊاڪٽر نانڪ رام پڻ انهن مان هڪ هو. سندس اڪيلي پٽ منوج ڪمار ۾ به اهو جذبو نظر اچي ٿو. شال سندس پونئير ڊاڪٽر نانڪ رام جي انسانيت جي خدمت واري جذبي کي قائم رکندي پنهنجي ڌرتيءَ جي مسڪين ماڻهن جي پُرگهور لهندا رهن ۽ ان ڏيئي کي اجهامڻ نه ڏين.