سانگهڙ (رپورٽ: سارنگ وساڻ) سانگهڙ جي گائني وارڊ ۾ عورت ٻار کي جنم ڏيڻ بعد ڀرسان داخل هڪ عورت کي ڏئي کسڪي وئي، ليڊي ڊاڪٽرياڻي ٻارڙي کي مبينا گود وٺي ڇڏيو، مريض عورت جو چوڻ آهي ته ماءُ ٻارڙي اسان کي ڏئي وئي هئي، ڊاڪٽرياڻي زبردستي ٻارڙي کسي گود وٺڻ جو ڊرامو رچايو آهي، خبر موجب سانگهڙ جي گائني وارڊ ۾ هڪ نامعلوم عورت ڊليوري لاءِ پهتي، ڊليوري ٿيڻ بعد ماءُ جنم ڏنل نياڻي کي ڇڏي فرار ٿي وئي، ان ڏس ۾ شهر جي نظاماڻي پاڙي جي رهواسڻ عورت به اسپتال جي گائني وارڊ ۾ داخل هئي، جنهن جو چوڻ آهي ته ماءُ تازو ڄاول ٻارڙي سندس حوالي ڪئي وئي هئي ۽ چيو هو ته توهان هن کي سنڀالجو، شهري عابد نظاماڻي موجب سندس گهرواري جو چوڻ آهي ته ٻارڙي کي ليڊي ڊاڪٽر سحرش ڀٽي زبردستي کسي وئي ۽ اهو ظاهر ڪيو ته هن ٻارڙي کي گود وٺي ڇڏيو آهي، عابد ٻڌايو ته اسان ٻارڙي جو فوٽو ڪڍڻ چاهيو ته ڊاڪٽرياڻي اسان کي فوٽو ڪڍڻ به نه ڏنو، هن چيو ته ڊاڪٽرياڻي زبرستي بارڙي کي کڻي وئي آهي، جيڪو عمل غيرقانوني آهي، هن مطالبو ڪيو ته معاملي جي اڻ ڌريي جاچ ڪرائي ٻارڙي سندن حوالي ڪئي وڃي، هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي اسسٽنٽ سول سرجن ڊاڪٽر الهورايو بوزدار ٻڌايو ته هڪ عورت مرد سان گڏ ڊليوري لاءِ آئي، جنهن فائل ٺهرائي جيڪا فيڪ نمبر ۽ فيڪ نالن سان ايڊمٽ ٿي، ٻار کي جنم ڏيڻ بعد ٻار ڇڏي فرار ٿي وئي.