ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) بحالي واري صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان جي صدارت جي هيٺ پي ڊي ايم اي بورڊ ۽ ريسڪيو ڪائونسل جا ڌار ڌار اجلاس ٿيا، اجلاس ۾ مون سون ڪنٽيجينسي پلان جي منظوري ڏني وئي. اجلاس ۾ ريسڪيو 1122 جي جي2025/26ع بجيٽ به منظور ڪئي وئي. اجلاسن ۾ صوبائي وزير مخدوم محبوب الزمان آفيسرن کي سانوڻي جي برساتن جي حوالي سان بهترين انتظام ڪرڻ جا حڪم ڏنا. صوبائي وزير چيو ته پي ڊي ايم اي ۽ ريسڪيو 1122 عوام کي هر ممڪن سهولت فراهم ڪن، پي ڊي ايم اي سڄي صوبي ۾ عوام جي خدمت جاري رکن، ريسڪيو سروس جو ڪم اهم آهي، سنڌ حڪومت جي سهڪار سان ضلعي کان تعلقي تائين هن سروس جي رسائي ڏني ويندي، ريسڪيو 1122 جي ڪارڪرگي سمورن صوبن کان بهتر آهي، سنڌ ۾ ايمرجنسي صورتحال ۾ گهڻي کان گهڻو رليف ڏنو ويندو آهي.