سانا طرفان جمن دربدر لاءِ لائيف ٽائيم اچيومنٽ ايوارڊ: پُٽ کي 3 لک جو چيڪ ڏنو ويو

0
126
سانا طرفان جمن دربدر لاءِ لائيف ٽائيم اچيومنٽ ايوارڊ
سانا طرفان جمن دربدر لاءِ لائيف ٽائيم اچيومنٽ ايوارڊ: پُٽ کي 3 لک جو چيڪ ڏنو ويو

ڪراچي (پريس رليز) سانا طرفان سنڌ جي قومي شاعر جمن دربدر جي پٽ سگھڙ کي اڄ سانا جي صدر ڊاڪٽر مقبول ھاليپوٽو طرفان اعلانيل لائيف ٽائيم اچيومنٽ ايوارڊ سان گڏ 3 لک جو چيڪ ڏنو ويو. شڪاگو ۾ ٿيل سالياني ڪنوينشن ۾ ھن سال شاعر جمن دربدر لاءِ ان ايوارڊ جو اعلان ڪيو ويو ھو. سنڌي ٻولي، ادب، تحقيق، سماجي خدمتن جي مڃتا لاءِ سانا طرفان اھي ايوارڊ ڏھاڪن کان ڏيڻ جي شروع ڪيل روايت جاري رھندي اچي ٿي. سانا جي صدر مقبول ھاليپوٽو چيو ته جمن دربدر جي شاعري سنڌي ماڻھن کي سندن سياسي ۽ قومي حقن جي جدوجھد ۾ حوصلو، اميد ء ھمٿ ڏئي ٿو. سندس شاعري ڌرتي جي سوڀ، ساڀيان ۽ جوھر جي امين آھي، کيس مڃتا ايوارڊ ڏيڻ درحقيقت اسان سڀني لاءِ فخر جي ڳالهه آھي. ڊاڪٽر مقبول وڌيڪ چيو ته “ماما جمن دربدر جھڙا ماڻھو پنھجي ڪردار ء شاعراڻي فڪر جي ڪري اڄ به نه صرف زنده آھن بلڪه اسان جي سونهن آهن

هن کي به پڙهندا

سانا طرفان وارھ ۾ ٻوڏ متاثرين جي گھرن جي تعمير جي شروعات

سانا طرفان فاطما جي والدين لاء گھر، روزگار ء ڀينرن جي تعليم لاء 15 لک روپين جي مالي سھڪار جو اعلان

سانا طرفان ڪارونجھر جبل تي مائننگ سرگرميون فوري بند ڪرڻ جو مطالبو