جيتوڻيڪ سنڌو چين جي تبت، هندوستان جي ڪلاڌ ، هماليه ۽ ڄمون ڪشمير، افعانستان جي ڪابل کان شروع ٿيندو گلگت بلتستان، ڪي پي ڪي، پنجاب ۽ سنڌ جي پوڇڙ واري ضلعي ٺٽي ۾ واقع سمنڊ ۾ 3 هزار هڪ سئو 80 ڪلوميٽر پري جو پنڌ طئه ڪري اچي ڊيلٽائي حصي وٽان سمنڊ ۾ وڏي دٻدٻي سان ڇوڙ ڪري نه رڳو سمنڊ جي موج مستين ۽ ان جي اڳيان وڌڻ کي ديوار بڻجي روڪي ان جي تباهين کان بچائي ٿو پر سنڌوءَ جي موج مستي واري پاڻي عيوض سنڌ جي لاڙي ضلعن ٺٽو، سجاول ۽ بدين جي سموري ساهه واري توڙي آبي ۽ جهنگلي جيوت سميت سڄي زمين جي جر کي مٺي پاڻي ۾ تبديل ڪرڻ سان گڏ دنيا جي ستون نمبر انڊس ديلٽا کي پڻ سر سبز شاداب بڻائي ان کي به جيئدان ڏي ٿو. هونئن ته دنيا جي 21 هين نمبر وڏي سنڌو درياءَ جي وهڪرن تي سڄي سنڌ آباد آهي ۽ رهي آهي. ايستائين سنڌ جي تهذيب جي مهندار هزارين سال پراڻو موهن جو دڙو توڙي ڀنڀور جو شهر پڻ سنڌوءَ جي وهڪرن تي ئي آباد رهيا آهن ۽ سنڌوءَ جي وهڪرن جي تبديل ٿيڻ سبب اهي آباد شهر پنهنجي بربادي جي ور به چڙهي ويا آهن ، سنڌوءَ جي موجن سبب ماضيءَ جو وڏو ديبل بندر هو ته وري لاهري بندر، سوکي بندر، شاهبندر ۽ ڪيٽي بندر به سنڌوءَ جي موجن ذريعي پنهنجي وقت جا وڏا بندر رهيا آهن، جن وسيلي سنڌ جو سمورو سفر ۽ وڻج واپار رهيو آهي، جنهنڪري سنڌ، سنڌوءَ جي ڪري ماضيءَ ۾ نه سرسبز خوشحال و آباد رهي آهي ۽ ان حوالي سان اهو ضرور چئي سگھجي ٿو ته سنڌوءَ جي ان وقت جي 100 ايم اي ايف کان مٿي پاڻي جي ڇوڙ ڪري نه رڳو ڪيٽي بندر آباد هو پر ان سان ضلعي ٺٽي جو تعلقو کاروڇاڻ جيڪو هن وقت سجاول ضلعي ۾ آهي، اهو پڻ خوشحال هو. مطلب پر 1932 کان 1960ع تائين جڏهن کان سنڌوءَ جي درياءَ کي بند ٻڌي قيد ڪرڻ شروع ڪيو ويو يا ان جي پاڻي تي ڌاڙا لڳڻ شروع ٿيا ۽ ته وري 1932ع ۾ 66 دروازن وارو سکر بئراج، 1962ع ۾ 65 دروازن وارو گڊو بئراج ۽ ايستائين جو 1955ع ۾ 44 دروازن وارو غلام محمد بئراج (ڪوٽڙي بئراج) ۽ پنجاب جي جناح بئراج، چشما بئراج ۽ تونسا بئراج سميت سنڌوءَ تي 6 بئراجن جي ٺهڻ کانپوءِ ويتر رهي سهي ڪسر ايوبي دور حڪومت ۾ انڊيا سان ٽن دريائن راوي، بياس ۽ ستلج جي وڪري توڙي ٻن وڏن ڊئمن تربيلا ۽ منگلا جي ٺهڻ ۽ سنڌوءَ جي پاڻي تي وڌيڪ ڪئنال چشما- جھلم لنڪ ڪئنال، ٿل ڪئنال، تونسا – پنجند، غازي بروٿا وڏن ڊئمن ۽ ڪئنالن جي ٺهڻ کانپوءِ ته ڄڻ سنڌوءَ جي پوڇڙ وارن ٽن ضلعن جي تباهي جي دور جي شروعات ٿي وئي آهي.
پاڻي جي ڊيلٽا تائين نه پهچڻ توڙي سمنڊ جي جي ويرن جي تباه ڪارين جو ٺٽو، سجاول ۽ بدين مرڪز بڻجي ويا آهن ۽ انهن ٽنهي پوڇڙ وارن لاڙي ضلعن ۾ سمنڊ جي وڌنڌڙ تباهه ڪارين سبب ٽنهي ضلعن جي سنڌ جي نقشي تان مٽجڻ جي دور جي شروعات ٿي چڪي آهي. اهوئي سبب آهي جو ڪيٽي بندر جو شهر جنهن کي هاڻوڪو چوٿون شهر چيو وڃي ٿو، جڏهن ته ان کان اڳ 1853ع، 1877ع ۽ 1910ع ۾ ٻڌايو وڃي ٿو ته ڪيٽي بندر جو شهر وڌنڌڙ سمنڊ جي تباهه ڪاري ڪري ٽي دفعا ختم ٿي ويو هو ۽ هاڻ جيڪو شهر آهي اهو چوٿون ڪيٽي بندر جو شهر آهي، جنهن کي چئن پاسن کان بند ڏنل آهي ۽ اهو ڪيٽي بندر جو شهر هڪ ڪنهن جزيري نما شهر آهي. اهو به سمنڊ جي روز چاڙهه ۽ ان جي ويرن جي تيز ڇولين جي کاڌ ڪري بند جي ڪنهن به وقت ٽٽڻ سبب ان تاريخي اهميت جي حامل شهر ڪيٽي بندر جي هميشه لاءِ ختم ٿي وڃڻ جو پڻ واضح امڪان آهي، جڏهن ته هن وقت به ٺٽي، سجاول ۽ بدين ضلعن جي 8 تعلقن ساڪرو، گھوڙاٻاري، ڪيٽي بندر، کاروڇاڻ، شاهبندر، جاتي، گولاڙچي ۽ بدين جي زمين جو 85 سيڪڙي کان مٿي جر جو پاڻي کارو بڻجي ويو آهي ۽ هتان جي انساني آبادي پيئڻ جي پاڻي لاءِ به تڙپي رهي آهي. پاڻي جي نه هجڻ ڪري پڻ ٺٽي، سجاول ۽ بدين ضلعن مان وڏي پئماني تي رهاڪن وڌنڌڙ غربت، بک، اڃ ۽ بيروزگاري سبب لکن جي تعداد ۾ لڏپلاڻ ڪري وڃي ٻين علائقن کي وسايو آهي ۽ وري ڪيترن ئي غربت، بک ۽ بيروزگاري ڪري سمنڊ جي ڪيڪڙن ۽ نانگ بلائن جي مارڻ کي پنهنجو روزگار جو ذريعو بڻائي ڇڏيو آهي.
ڪوٽڙي بئراج جي هيٺانهين پاسي سنڌوءَ ۾ پاڻي جي لاڳيتي عدم فراهمي ڪري ٺٽي ضلعي جي دريائي مياڻين راڄو نظاماڻي، ٽنڊو حافظ شاهه، جھرڪ، سونڊا، ڏاڏوري، علي بحر، ٻنون، رانٽا، مٽڪا، سورجاڻ، گليل، سانولپور، گھوڙاباري، گھارو، ڇريجا، اڏيرو، احمد خان، ڌانڌاري، خليفا، جنگيسر، آٿرڪي، موسيٰ، سڄڻ واري، ٺاري واري، کاروڇاڻ سميت 36 کان مٿي دريائي مياڻين ۽ سنڌوءَ جي ڪيٽي بندر، کاروڇاڻ، شاهبندر کان گزري ڪراچي تائين سامونڊي ڪريڪس (ڇاڙون) کوبر ڪريڪ، روڙو ڪريڪ، سنهڙي ڪريڪ، آبياري ڪريڪ، حجامڙو ڪريڪ، ڪانهر ڪريڪ، ترڇاڻ ڪريڪ، ڌوڌاٽي ڪريڪ، ڦاٽ ڪريڪ سميت سنڌوءَ جا 17 ڪريڪس جيڪي مٺي پاڻي جي اڻهوند سبب سمنڊ جي کاري پاڻي هيٺ اچي مڪمل طور تي ختم ٿي ويا آهن.
سنڌوءَ جي ڪريڪس (ڇاڙن) ۾ مٺي پاڻي جي عدم دستيابي ڪري مڇي جي ڪيترن ئي قسمن جي ناياب ٿيڻ ۽ قدرتي آفتن کان بچاءَ جي ديوار طور ڪم ڪندڙ تمر جا ٻيلا پڻ تيزيءَ سان ختم ٿي رهيا آهن، جڏهن ته سمنڊ جي ويرن جي اڳتي وڌڻ سبب سنڌوءَ جي پوڇڙ وارن 3 ضلعن مان رڳو سمنڊ جي اڳتي وڌي تباهڪارين جي حوالي سا ٺٽي بابت روينيو کاتي جي انتهائي ذميوار ذريعن وٽان هٿ ڪيل ٺٽي ضلعي جي 3 تعلقن ميرپورساڪرو، گھوڙاٻاري ۽ ڪيٽي بندر جي انگن کي ڏسبو ته ٺٽي ضلعي جي سامونڊي تعلقي ميرپور ساڪري جي 14 ديهن، ديھ ملڪو جي 2646 ايڪڙ 10 گھنٽه زمين، ديھ پيرپٺائي جي 5582 ايڪڙ 24 گھنٽه، ڊارسڪي 3842 ايڪڙ 5 گھنٽه، ديھ لاڏيون جي 1200 ايڪڙ، ديھ کڳاڻ جي 1000 ايڪڙ، ديھ پمبڙي جي 2000 ايڪڙ، ديھ ڍونڊي جي 700 ايڪڙ، ديھ پنيلڌو شاھ جي 600 ايڪڙ، ڪلارسرڪاري 600 ايڪڙ، ديھ کاريسير جي 410 ايڪڙ، ديھ گُنو جي 2000 ايڪڙ، ديھ پٽ مڙهو جي 950 ۽ ديھ لاکا جي 800 ايڪڙ زمين سميت 14 ئي ديهن جي 56208 ايڪڙ 3 گھنٽه زمين مان سمنڊ 23930 ايڪڙ 39 گهنٽه زمين ڳڙڪائي ويو آهي، جڏهن ته تعلقي گھوڙاٻاري جي 7 ديھن، ديھ گمبواھ 9115 ايڪڙ 1 گھنٽه زمين، ديھ جھاڙيون جي 2568 ايڪڙ 36 گھنٽه، ديھ آڊاڻو جي 6110 ايڪڙ 15 گھنٽه، ديھ گھٻا ويسٽ 4647، ايڪڙ 37 گھنٽه، ديھ کڏو 2542 ايڪڙ، 37 گھنٽه، ديھ کٿو جي 4303 ايڪڙ، 5 گھنٽه ۽ ديھ جوهو جي 2771 ايڪڙ، 37 گھنٽه زمين سميت گھوڙاٻاري تعلقي جي 7 ديهن جي 32 هزار 60 ايڪڙ 8 گھنٽه زمين سمنڊ اڳتي وڌي پائي ورتي آهي، جڏهن ته تعلقي ڪيٽي بندر جي 31 ديهن، ديھ ڪيٽي بندر 2470 ايڪڙ، ديھ حامد واري 3280 ايڪڙ، ديھ نيگھا واري 4426 ايڪڙ، ديھ بکيرو جاگير 1934 ايڪڙ، ديھ ڪيٽي هاشم 3231 ايڪڙ، ديھ شاهپور سائوٿ جي 3027 ايڪڙ، ديھ کاريسير سائوٿ جي 4999 ايڪڙ، ديھ جائوو 4973 ايڪڙ، ديھ ڀل ڊامو 1747 ايڪڙ، ديھ مورانجهر 3836 ايڪڙ، ديھ بامبيٽو ٻگھاڻ جي 2933 ايڪڙ، ديھ ٻگھاڻ جي 1204 ايڪڙ، ديھ وٺيون 1184 ايڪڙ 32 گھنٽه، ديھ ٽڪر کاريون جي 4974 ايڪڙ، ديھ کاريون 3067 ايڪڙ، ديھ همبس 3072 ايڪڙ، ديھ چوکاٽولو جي 1158 ايڪڙ، ديھ مير واري جي 2645 ايڪڙ، ديھ مير ٿرويون 7805 ايڪڙ، ديھ منارا جي 2761 ايڪڙ، ديھ ڪيٽي جھوڪا جي 2057 ايڪڙ، ديھ جائو ڪانچي 6824 ايڪڙ، ديھ ڪيٽي پير علي بخش شاھ جي 2316 ايڪڙ، ديھ کڏيواري جي 5367 ايڪڙ، ديھ مِياري 7026 ايڪڙ، ديھ ٽڪر ڪارواري جي 3554 ايڪڙ، ديھ ٽڪر هاشم جي 3199 ايڪڙ، ديھ جھڌو 7294 ايڪڙ، ديھ بال ٽڪرو جي 3661 ايڪڙ ۽ ديھ ڪيٽي ٽڪرو جي 2884 ايڪڙ زمين سميت 31 ئي ديھن جي هڪ لک 24 هزار 484 ايڪڙ، 13 گھنٽه زمين مان 1 هڪ لک 14 هزار 208 ايڪڙ 32 گھنٽه زمين سميت ٽنهي تعلقن جي 52 ديهن جي 2 لک 12 هزار 752 ايڪڙ، 24 گھنٽه مان هڪ لک 70 هزار 199 ايڪڙ، 39 گھنٽه زرعي زمين هميشه لاءِ سمنڊ تيزي سان اڳتي وڌي مڪمل طور تي ختم ڪري ڇڏي آهي.