ٺٽو (رپورٽ : اسماعيل ميمڻ) سنڌو درياءَ ۾ڪوٽڙي بئراج کان هيٺ مسلسل پاڻي جي نه اچڻ. توڙي سمنڊ جي اڳتي وڌڻ ۽ جر زهريلو ٿين سبب سامونڊي پٽي قائم پولٽري فارم تباهي جي ور چڙهي ختم ٿي ويا آهن، ان ڏس ۾ روزاني پنهنجي اخبار پاران هٿ ڪيل معلومات موجب سموري سامونڊي پٽي ۽ خاص طور تي گھوڙاٻاري، ڪيٽي بندر ۽ کاروڇاڻ ۾ سميت سامونڊي پٽي ۾ ماضي ۾ صنعت جو درجو اختياري ڪندڙ پولٽري فارم مڪمل ختم ٿي چڪا آهن، جنهن سبب ماضي ۾ پولٽري صنعت جو درجو اختيار ڪندڙ ڪاروابار مڪمل طور تباهي جي ور چڙهي ويو آهي، مختلف علائقن ۾ وڏي پئماني تي پولٽري شيڊ تيار ڪرڻ ۽ پولٽري فارمنگ لاءِ ڪارروبار شروع ڪري مختلف علائقن هزارين فارمي ڪڪڙين جي پالڻا لاءِ سوين پولٽري فارم جوڙايا ويا هئا، پر سمنڊ تيزي سان اڳتي وڌڻ جي ڪري جر کاري ٿيڻ سبب پولٽري فارمن ۾ مٺو پاڻي دستياب نه هجڻ جي ڪري سمورا پولٽري فارم ويراني جي ور چڙهي ويا آهن. مٺي پاڻي جي عدم دستيابي سبب ڪڪڙين جي افزائش سخت متاثر ٿي وئي هئي، سموري سامونڊي پٽي ۾ قائم پولٽري فارم شيڊ تيار ڪرڻ وارا ڪارخانه ۽ 100 کان وڌيڪ ننڍا وڏا فارمي ڪڪڙين جا فارم خالي ٿي ختم ٿي ويا آهن، پولٽري فارم مالڪن مجيد جت، عبدالرحيم جانيارو، مقبول شاهه، غلام حسين گلڙي، پير گلاب شاهه ۽ ٻين چيو ته سامونڊي پٽي ۾ پولٽري جي صنعت جي خاتمي تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي وفاقي ۽ سنڌ حڪومت کان گھر ڪئي آهي ته ڪوٽڙي بئراج جي هيٺائين پاسي سنڌوءَ درياءَ ۾ ڊيلٽا ۽ انساني توڙي آبي ۽ جهنگلي جيوت جي جياپي سان گڏ پولٽري فارمينگ جي بچاءُ لاءِ فوري طور تي 10ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي جي رسائي کي يقين بڻائي سامونڊي پٽي کي وڌيڪ سمنڊ جي تباھڪارين کان بچايو وڃي.