ڪراچي ( م ڊ ) موسميات کاتي سنڌ جي راڄڌاني ڪراچي ۾ سامونڊي هوائون بحال ٿيڻ سبب گرمي پد ۾ لاٿ  جو امڪان ظاهر ڪيو آهي. موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته خميس ۽ جمعي تي آسمان صاف ۽ جهڙالو رهندو، جڏهن ته ان دوران گرمي پد 32 کان 34 ڊگري سينٽي گريڊ وچ ۾ رهڻ جو امڪان آهي. موسميات کاتي موجب، ڪراچي ۾ سامونڊي هوائون بحال ٿيڻ سبب گرمي پد ۾ لاٿ جو امڪان آهي.