ڪراچي: ڀارت سان ٽڪرائجندڙ سامونڊي طوفان جو پاڪستان جي ساحلي پٽي سان ٽڪرائجڻ جو خطرو ٽري ويو آهي. موسميات کاتي جي ڊائريڪٽر سردار سرفراز جو چوڻ آهي ته سامونڊي طوفان ڪراچي کان 1210 ڪلوميٽر پري آهي ۽ ساحلي پٽي سان ٽڪرائجڻ بدران پري کان هليو ويندو. سردار سرفراز جو چوڻ هو ته طوفان جو خطرو ٽرڻ بعد بارشن جو امڪان گهٽجي ويو آهي پر ڪراچي ۾ گرم هوائن سبب لڪ لڳڻ جي صورتحال برقرار رهندي. هوڏانهن طوفان سبب ڪيٽي بندر ۽ ساحلي پٽي ۾ موسم تبديل ٿي وئي آهي، ٺٽي ۽ آس پاس تيز هوائن سان مٽي جي طوفان ماڻهن جي مشڪلن ۾ اضافو ڪري ڇڏيو آهي.