ڪراچي(نمائندن وٽان) سامونڊي طوفان “ اسني” اڄ سنڌ سان ٽڪرائيندو، موسميات کاتي  الرٽ جاري ڪري ڇڏيو،  برسات سوين ڳوٺ ٻوڙي ڇڏيا، گهرن ڊهڻ ۽ حادثن سبب وڌيڪ  7 ڄڻا فوت ٿي ويا. تفصيل موجب  چوماسي جي تباهي مچائيندڙ وسڪارن کي منهن ڏيندڙ سنڌ جي ساحلي پٽي ۾ سامونڊي طوفان جو خدشو، موسميات کاتي الرٽ جاري ڪري ڇڏيو، چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز چيو آهي ته رِڻ ڪڇ ڀرسان موجود ڊيپ ڊپريشن جي اُتر اوڀر عربي سمنڊ ۾ اچڻ بعد طوفان ٺهي سگهي ٿو، اهو سسٽم پنهنجي شدت برقرار رکندي سڀاڻي صبح تائين سنڌ جي ساحلي پٽي جي ڀرسان اچي سگهي ٿو، جتي سازگار موسمي حالتن سبب ٿوري وقت لاءِ سامونڊي طوفان ٺهي سگهي ٿو، اُن کي اَسني جو نالو ڏنو ويندو، چوماسي دوران سامونڊي طوفان ٺهڻ انتهائي غيرمعمولي آهي، هن سسٽم جي ڪري سمنڊ ۾ چاڙهه رهندي ۽ 50 کان 60 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون گهُلي سگهن ٿيون، سردار سرفراز چيو ته هن دفعي ٺهندڙ سامونڊي طوفان جو نالو پاڪستان پاران رکيو ويندو، پاڪستان پاران تجويز ڪيل نالي اَسنـِي جي معنيٰ بُلند تَر آهي. ٻئي پاسي موسميات کاتي پاران مهاڻن کي اونهي سمنڊ ۾ نه وڃڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي،  هوڏانهن سنڌ ۾ جاري چوماسي جي وسڪارن تباهي مچائي ڇڏي، سوين ڳوٺ ٻڏي ويا، ڪيترائي ڪچا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا، ڪراچي ۾ ٽئين ڏينهن  به وقفي وقفي سان برسات جو سلسلو جاري رھيو، جنهن سبب هيٺاهين وارا علائقا پاڻي هيٺ اچي ويا،ھوڏانھن  موسميات کاتي پاران جاري ڪيل انگن اکرن مطابق سڀ کان وڌيڪ برسات 74 ملي ميٽر ڏيپلو ۾ رڪارڊ ڪئي وئي  جڏهن ته ڇاڇري ۾ 53، ٺٽي ۾ 39،بدين ۾ 15، ڪراچي جي سرجاڻي ٽائون ۾ 20 ، حيدرآباد ايئرپورٽ  تي 16 ۽ سٽي ۾ 14، اسلام ڪوٽ ۾ 38 ۽ ننگرپارڪر ۾ 32 ملي ميٽر رڪارڊ ڪئي وئي آھي۔  سنڌ جي ٻين ضلعن ۾ گھٽ برسات پئي موسميات کاتي جي چيف ميٽرولاجسٽ سردار سرفراز چيو آهي ته رڻ آف ڪڇ ۾ موجود ڊپريشن جي اڄ سامونڊي طوفان بنجڻ جو خدشو آھي، جنهن جو نالو اسنا رکيو ويندو ھن چيو ته انھي سسٽم تحت سنڌ ۾ 50-60 ڪلو ميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون ھلي رھيون آھن، مهاڻن کي سڀاڻي 31 ڊسمبر تائين  سمنڊ ۾ نه وڃڻ گھرجي۔ ھن چيو ته اڄ ڪراچي،  حيدرآباد، ٺٽي،  بدين، سجاول، ٿرپارڪر، سانگھڙ،  شھيد بينظيرآباد  ميرپورخاص سميت 21 ضلعن ۾ ڪٿي تيز ۽ ڪٿي ھلڪي برسات جاري رھندي، برسات ۽ ٻوڏ جي صورتحال کي منهن ڏين جي تيارين واري حڪومتي دعويٰ ڌُوڙ، جوهي ڀرسان يوسي ڪمال خان ۾ 2022ع جي ٻوڏ دوران ايم اين وي ڊرين کي لڳل گهارا نه ٻڌا ويا، ايم اين وي ڊرين جي پاڻي گهارن مان گذرندي 20 کان وڌيڪ ڳوٺن کي ٻوڙي ڇڏيو، انتظاميا متاثر ڳوٺن ۾ ريسڪيو ۽ امدادي ڪارروائيون نه ڪيون، ڳوٺاڻا گهرن جو سامان ۽ مال متاع به نه بچائي سگهيا، متاثر ڳوٺاڻن پاران احتجاج ڪندي انتظاميا کي سار لهڻ جي اپيل ڪئي وئي آهي، ڄامشوري ۾ برسات بعد روڊ رستا ٻڏي ويا، ايل ايم سي ڪالوني ۾ واٽر سپلاءِ تلا ڀرسان پير ترڪڻ سبب نينگر نور نبي پٽ غلام نبي ٿهيم ۽ نينگر شفقت پٽ ڪالو ٿهيم ٻڏي فوت ٿي ويا، ٻئي طرف ڪوٽڙي ۾ برسات سبب هڪ ڄڻو فوت ۽ 6 زخمي ٿي پيا. برسات دوران ڪوٽڙيءَ سائيٽ جي بلوچ ڪالونيءَ واري علائقي ۾ 20 سالن جو نوجوان جعفر پٽ ظريف لغاري گهر ۾ بجليءَ جي تار مان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو. جڏهن ته جانو پاڙي جي رهواسي دين محمد سولنگيءَ جي گهر جي ڇت برسات سبب ڌماڪي سان ڪري پئي، جنھن جي نتيجي ۾ هڪ ئي گهر جا پنج ڀاتي دين محمد سولنگي، بگن، صائما، سجاد ۽ سونا سولنگي زخمي ٿي پيا آهن. ٻٻر اسٽاپ واري علائقي ۾ گهر جي ڇت ڪرڻ سبب مختيار علي لغاري سخت زخمي ٿي پيو جڏهن ته بينظير ڪالوني ۾ تيز برسات سبب گهر جي ڇت ڪرڻ سبب 4 ورهين جي حياتان بي بي فوت ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پياحيدرآباد کي برسات ٻوڙي ڇڏيو، ٻوڏ جهڙي صورتحال، هڪ ڄڻو فوت، 5 زخمي، تعليمي ادارا بند ڪيا ويا آهن، ٺل ويجهو صدورآباد ۾ يوسف ٻرڙو جي گهر جي ڇت ڪرڻ 3 ورهين جو سلمان ٻرڙو ۽ 4 ورهين جي حاجران ٻرڙو زخمي ٿي پيا، زخمين کي ٺل جي مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو، دوداپور ويجهو پنهون ڀٽي واري علائقي ڳوٺ غوث بخش ڪٽوهر ۾ ڄنگهن کان معذور بڻيل 15 سالن جو نينگر ميرحسن ڪٽوهر برسات سبب گهر جي ڀت ڪرڻ سبب هيٺان اچي فوت ٿي ويو،، ميرپورخاص لڳ ڳوٺ دوست محمد پنھور ۾ 16 ورھين جو سھيل پنھور گھر ويجهو برساتي پاڻي جي کڏ ۾ ڪري ٻڏي فوت ٿي ويو.، شھدادپور ۽ آسپاس برسات پئي، جنهن ۾ پورهيتن جا 10 کان وڌيڪ اجها ڊهي پٽ پئجي وئي ۽ معصوم ٻارڙن سميت 8 ڄڻا زخمي ٿي پيا، ھٿونگو ويجھو ڍليار ۾ باورچي خاني جي ڇت ڪرڻ سبب عورت مسمات اجيت زال علي محمد مڱريو دٻجي فوت ٿي وئي، صالح پٽ لڳ ڳوٺ فقير محمد ڀنڀرو ۾ کنوڻ ڪرڻ سبب ڳوٺاڻن جون 38 ٻڪريون مري ويون، شاهپورچاڪر ۾ ٽن ڏينهن کان هلندڙ برسات ڪالهه به جاري رهي، ٺاروشاهه، درٻيلو، مڃٺ، ڀورٽي ۾ تيز طوفان سان برسات پئي، قاضي احمد ۽ ڀرپاسي تيز طوفاني هوا سان برسات پئي، جنهن ۾ 10 کان وڌيڪ ڳوٺ ڳوٺ الھيار لنڊ ڳوٺ حمزو لنڊ ڳوٺ جمال کوسو ڳوٺ ٻيڙو زرداري ڳوٺ محمد صالح چانڊيو، ڳوٺ الھداد چانڊيو، سرڪاري کوھ، بچل پور پاڻي هيٺ اچي ويا، ڪڍڻ ۾ تيز هوا سان برسات سبب ڪيترائي ڪچا گهر ڊهي پٽ پئجي ويا، فصلن کي ڪاپاري ڌڪ، سجاول ۾ وقفي وقفي سان هلندڙ برسات سبب روڊ رستا، پارڪون، آفيسون پاڻيءَ هيٺ اچي ويون، شهر درياهه جو ڏيک ڏيڻ لڳو. ٽائون ڪميٽي جي مارڪيٽ جا ٽي دڪان ڪري پيا.، ٺٽي ۾ برسات سبب شهر تلاءَ جو ڏيک ڏيڻ لڳو، لاڳيتي برسات جي وسڪاري سبب ٺٽي شھر جي ڪچي آبادي پڻ مڪمل پاڻي ھيٺ اچي وئي آھي جتان جي رھواسين پڻ لڏپلاڻ ڪري قومي شاھراھ جي ڀرسان پناھون وٺڻ سان گڏ مڪلي لڏپلاڻ ڪري ورتي آھي، گھوڙاٻاري، سانولپور، بڪيرا اسٽاپ، 105 موري، گليل ، درويش، آچار ڪالوني، گيل موري، جاڙادالي، مھر مڙھي، ور ، پير پٺو، ڌانداري، اڏيرو سميت ننڍن وڏن شھرن ۽ آس پاس جي علائقن ۾ چوٿين ڏينھن به زودار برسات  ٿي، شهر تلائن جو ڏيک ڏيڻ لڳا.، نئون دمبالو ويجهو ڳوٺ رامسن ڪولھي ۾ ڪولھي برادري جي ھيرو ڪولھي، پرڀو ڪولھي، روپشي ڪولھي نيمون ڪولھي سميت 5 ڄڻن جا ڪچا گھر ڊھي ويا.، ڌاٻيجي جي ساحلي ۽ ڪوهستاني علائقن  ۾ طوفاني برسات سبب ڪچا گهر ڪري ڊهي پٽ ٿي ويا سارين  سميت فصل ٽماٽو، مرچ، ڪدو، توري سميت سانوڻي فصل مڪمل طور تي ٻڏي ويا. ڳوٺ الھبخش ڪلوئي، محمد بخش ڪلوئي ۽ ڪالا خان ڪلوئي ۾  75 گھر ڪرڻ ۽ 25 ماڻهوَ زخمي ٿي پيا، ميرپورخاص ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ طوفاني برسات تباهي مچائي ڇڏي، 28 ڪلاڪن دوران مسلسل 143 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته پنجين اسپيل ۾ هن وقت تائين 240 ملي ميٽر برسات رڪارڊ ڪئي وئي آهي.طوفاني برساتن سبب مک شاهراهن، گهٽين ۽ ڳوٺن ۾ ڪيترائي فوٽ پاڻي جمع ٿي ويو آهي.متاثرين پنهنجا گهر ڇڏي روڊن جي ڪنارن ۽ محفوظ هنڌن تي خيما لڳائي ڇڏيا، مختلف علائقن ۾ ٻن ڏينهن کان بجلي جي فراهمي پڻ بند آهي.