جتي هڪ محتاط اندازي مطابق 16 لک 47 هزار 500 عملي جا ماڻهو ڪم ڪن ٿا جن کي Sailor چئبو آهي .  جنهن ۾  7 لک 74 هزار ماڻهو آفيسر رينڪ جا ۽ 8 لک 73 هزار 500 ٻين رينڪن جا آهن. جيڪي ڏينهن ۽ رات دنيا جي ضرورتن جي پوراِء لاِء جاکوڙين ٿا .

انٽرنيشنل شپنگ چيمبر مطابق دنيا ۾ 51 هزار پلس پاڻي جا ننڍا وڏا جهاز آهن ۽ تجارتي سامان جي درآمد ۽ برآمد لاِء صرف 5هزار 558 جهاز آهن.

دنيا ۾ 15 ملڪ آهن جيڪي سامونڊي جهازن جي واپار سان منسلڪ آهن ۽ اهي دنيا جو 80 سيڪڙو ڪارگو پنهنجن جهازن ذريعي دنيا جي ڪنڊ ڪڙڇ ۾ رسائين ٿا.

جنهن ۾ چين يونان جاپان برطانيه فرانس جرمني آمريڪا ناروي سنگاپور تائيوان هانگ ڪانگ ڊينمارڪ بيلجئم ڏکڻ ڪوريا ۽ برمودا شامل آهن .

دنيا ۾ ٽن قومن جا ماڻهو هن فيلڊ ۾ اوهان کي وڌ ۾ وڌ ملندا پهرين نمبر تي انڊين سک ٻي نمبر تي سريلنڪن سنهالي ۽ ٽيئن نمبر تي پورچوگيز . سنڌي نوجوان رواجي فيلڊ کي ڇڏي هن شعبي کي جوائن ڪري دنيا کي ڏسي وائسي پنهنجي دنيا ٺاهي سگهي ٿو .