سامراجي قوتن اڳيان بيوس سلامتي ڪائونسل

0
156
سامراجي قوتن اڳيان بيوس سلامتي ڪائونسل

 78 سال اڳ 24 آڪٽوبر 1945ع ۾ ٻي مهاڀاري جنگ جي خاتمي کانپوءِ گڏيل قومن واري اداري جنگ کي روڪڻ، بين الاقوامي امن ۽ سلامتي کي برقرار رکڻ، مختلف قومن وچ ۾ دوستاڻا لاڳاپا قائم ڪرڻ ۽ بين الاقوامي مسئلن جي حل واري مختصر ايجنڊا تحت پنهنجو ڪم شروع ڪيو. انهن ئي ڏينهن ۾ دنيا ٻن عالمي جنگين جي ڪري تباهه ٿي چڪي هئي ۽ هر ملڪ جي خواهش هئي ته ڪو اهڙو ادارو هجي، جيڪو عالمي امن جي مسئلن کي گڏيل نموني حل ڪري ۽ ملڪن وچ ۾ وڌيڪ جنگين کي روڪي سگهي.

                 ٻي جنگ عظيم کانپوءِ فاتح ملڪن گڏيل قومن جو چارٽر لکيو ۽ دنيا ۾ امن ۽ استحڪام جي محافظ ۽ بانين طور پنجن ملڪن کي اهم مسئلن تي ويٽو جو حق ڏنو ۽ انهن کي سلامتي ڪائونسل جو مستقل ميمبر نامزد ڪيو ويو. 24 آڪٽوبر 1945ع تي 50 ملڪن گڏيل قومن جي ان چارٽر تي صحيون ڪري گڏيل قومن جي قيام تي اتفاق ڪري ان جي منظوري ڏئي ان کان ڪم شروع ڪرايو ويو. گذريل 78 سالن دوران دنيا ڪيتريون ئي جنگيون ڏٺيون پر خوشقسمتي سان انهن ۾ اڄ تائين ڪا به ٽئين عالمي جنگ ناهي ٿي، ان ۾ گڏيل قومن پنهنجو ڪردار ادا ڪيو پر ڪيترن ئي اهم معاملن ۾ گڏيل قومن وارو ادارو اهم تڪرارن جي حل ۾ مڪمل طور تي ناڪام ويو آهي، جنهن سبب ڪيترائي عالمي بحران اڄ به موجود آهن. هن وقت گڏيل قومن واري اداري جي عمر 80 سالن تائين پڄڻ واري آهي پر ان جي مايوس ڪندڙ ڪارڪردگي جي ڪري دنيا اڄ به ٽئين عالمي جنگ ڏانهن وڌي رهي آهي.

سلامتي ڪائونسل جي ڪجهه ميمبرن کي ويٽو جو اختيار ڏئي طاقت جي توازن ۾ بگاڙ آندو ويو هو، ان ڪري بين الاقوامي امن ۽ سلامتي به خطري ۾ پيل آهي، ڇو جو اهي ملڪ پنهنجي مفادن جي بنياد تي سلامتي ڪائونسل کي استعمال ڪري رهيا آهن. سچ اهو آهي ته طاقت جي ان غلط استعمال سان دنيا هاڻ ڪنهن وڏي خوني ويڙهه ڏانهن وڌي رهي آهي. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جا هن وقت 193 ميمبر آهن پر انهن جي سلامتي ڪائونسل جي 5 مستقل ميمبرن اڳيا ڪا حيثيت ئي ناهي. گذريل ٻن سالن کان دنيا ۾ ٻين ڪيترن ئي بحرانن سان گڏ فلسطين ۽ يوڪرين جو جهيڙو عروج تي پهچي ويو آهي، آمريڪا ۽ ان جا اتحادي ان مسئلي تي سلامتي ڪائونسل ۾ وڃن ٿا ته روس ۽ ان جا اتحادي ان کي ويٽو ٿا ڪري ڇڏين. ان ڪري سلامتي ڪائونسل به ان مسئلي ۾ ناڪامي جو اعتراف ڪيو آهي ۽ ان “ٽگ آف وار” کي هن وقت به انساني معاشري لاءِ هڪ وڏو خطرو سمجهيو پيو وڃي. هڪ اهڙو خطرو جيڪو سپر پاورز کي ايٽمي جنگ ڏانهن ڌڪي سگهي ٿو.

اڃان يوڪرين واري معاملو هلي ئي پيو ته فلسطينين جي هڪ ننڍڙي ڌڙي سپر پاورز آمريڪا، برطانيا، فرانس، جرمني جي لاڏلي اسرائيل سان جنگ شروع ڪري ڇڏي. آمريڪا ۽ ان جي اتحادين کي خواب ۽ خيال ۾ به نه هو ته اهو ننڍڙو ڌڙو انهن لا ايترو مٿي جو سور ثابت ٿيندو. انهن جو اندازو هو ته هڪ هفتي ۾ بمباري ڪري انهن کي هو تباهه ڪري ڇڏيندا پر اها انهن جي غلط فهمي هئي. هڪ مهينو ٿي ويو آهي ۽ اهو بحران وڃي ٿو وڌنڌو. ان انساني ۽ اخلاقي تباهي جا نتيجا نه صرف انهن ڌرين کي متاثر ڪندا پر خطي جي ٻين ملڪن تي به ان جا اثر پوندا ۽ جيڪي عرب ملڪ ان ويڙهه کان پاڻ بچائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن، اهي به ان جي وڪڙ ۾ اچي ويا آهن. اڄ غزه جيڪو قبرستان بڻجندو وڃي، اسرائيل فلسطينين جي نسل ڪشي ڪرڻ ۾پورو آهي، حماس وٽ قيدين جي زندگي خطري ۾ پيل آهي، اتي امن ۽ عالمي سلامتي کي برقرار رکڻ لاءِ ۽ ان مسئلي جي حل ۾ ٽياڪڙي ڪرڻ لاءِ دنيا ۾ ڪو اهڙو ادارو ناهي، جيڪو ان مسئلي کي حل ڪري. گڏيل قومن، ان جي جنرل اسيمبلي ۽ سلامتي ڪائونسل جنگ کي روڪڻ لا صرف پريس رليز جاري ڪرڻ تائين محدود ٿي وئي آهي. جنگبندي لاءِ کاٻي ڌر روس چين، ايران ۽ ان جي اتحادين ڪيتريون ئي قراردادون پيش ڪيون پر آمريڪا پهلوانن جيان اسرائيل جي ڍال بڻجي پنهنجي اتحادين برطانيا، فرانس ۽ ٻين ملڪن سان گڏجي هر جنگبندي کي ويٽو ڪري پنهنجي من ماني ڪرڻ ۾پورو آهي، جنهن تي سلامتي ڪائونسل يوڪرين جيان وري به هٿ مٿي کڻي پئي چئي ته اسان بي وس آهيون، ڪجهه نه ٿا ڪري سگهون. اهو ئي سبب آهي جو گڏيل قومن جي انساني حقن واري تنظيم   OHCR جي نيويارڪ ۾ ڊائريڪٽر ڪريگ مڪهير غزه تي اسرائيل جي حملي بعد عالمي اداري جي ناڪامي تي پنهنجي عهدي تان استعيفا ڏني آهي، جنهن 28 آڪٽوبر تي جنيوا ۾گڏيل قومن جي ها ڪمشنر کي لکيل خط ۾ چيو آهي ته، “اسان هڪ ڀيرو ٻيهر ڪنهن قوم جي نسل ڪشي پنهنجي اکين سان ڏسي رهيا آهيون، ۽ جنهن اداري لاءِ اسان ڪم ڪري رهيا آهيون، اهو ان نسل ڪشي کي روڪڻ ۾ مڪمل طور تي بي وس آهي. هاڻ اسان انهن سپر پاورز جي فلسطينين جي نسل ڪشي جي ون پوائنٽ ايجنڊا جو حصو نه ٿينداسون.”

سلامتي ڪائونسل ۾ دنيا جي ٽن اهم ۽ طاقتور ميمبرن آمريڪا، فرانس، برطانيا ۽ يورپ جا ٻيا وڏا ملڪ جرمني ۽ اٽلي به ان جهيڙي ۾ اسرائيل جا ساٿاري بڻيا بيٺا آهن. انهن جي پاليسين سبب ٽياڪڙي وارا رستا به بند ٿي ويا آهن. جڏهن ته آمريڪي ۽ برطانوي حڪومتن جي اڳواڻن جي يهودي نواز پاليسي ۽ بيان بازي سان پوري مسلم دنيا ۾ باهه ٻري پئي آهي ۽ آمريڪا ۾ به ڪروڙين عيسائي ۽ مسلمان شهرين کي ڳڻتي ۾ وڌو آهي، جنهن سان جنگ ۾ شدت ۽ پوري دنيا ۾ احتجاج شروع ٿي ويا آهن. جڏهن عوام روڊن تي نڪري ايندو آهي ته پوءِ ادارا بي وس بڻجي ويندا آهن. هاڻ اسرائيل ۽ حماس جي جنگ هڪ مذهبي جنگ ۾ تبديل ٿي وئي آهي، ان ڪري ئي گڏيل قومن جي ادارن جي عملدارن چوڻ شروع ڪيو آهي ته هاڻ سلامتي ڪائونسل جي ويٽو پاور کان وڌيڪ اهو مسئلو دنيا جي مذهبن وچ ۾ وڏي ويڙهه ۾ تبديل ٿيندو پيو وڃي، ان ڪري اسان کان ڳالهه مٿي چڙهي وئي آهي. سلامتي ڪائونسل جي مستقل ميمبرن هاڻ ان جنگ کي پروپيگنڊا وار ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي.

پهرين ۽ ٻي مهاڀاري جنگ بعد به انهن ئي سپر پاورز جي هڪ هٽيءَ سبب ليگ آف نيشن به مڪمل طور ناڪام ٿي وئي ۽ ان جي ڪري گڏيل قومن جو وجود پيو پر هاڻ حالتون ان کان به وڌيڪ خراب ٿينديون پيون وڃن. چين هن وقت صدين کان جهيڙن ۾مصروف عرب ملڪن کي پاڻ ۾ کير کنڊ ڪري ڇڏيو آهي. گڏيل قومن جي ناڪام پاليسين جي ڪري دنيا جي ڪيترن ئي ملڪن پنهنجي طور فيصلا ڪرڻ شروع ڪيا آهن. فلسطينين جي نسل ڪشي خلاف تيونس جي پارليامينٽ اسرائيل سان لاڳاپن کي معمول تي آڻڻ کي تاريخي ڏوهه قرار ڏيندي چيو آهي ته صيهوني وجود جو اعتراف يا ان سان سڌا يا اڻ سڌا لاڳاپا قائم ڪرڻ هڪ “سنگين غداري” آهي. ان جي سزا ڇهه کان ڏهه سال قيد يا ڏهه هزار تيونسي دينار يعني ٽيهه هزار يورو جو ڏنڊ آهي. تيونس گڏيل قومن کان گهر ڪئي آهي ته فلسطين کي درياهه کان سمنڊ تائين آزاد ملڪ قرار ڏئي ان جو گاديءَ وارو هنڌ بيت المقدس کي قرار ڏنو وڃي ۽ انهن جي نسل ڪشي بند ڪئي وڃي. بحرين، ترڪي، ايران، ڏکڻ آفريڪا ۽ ٻين ملڪن به سلامتي ڪائونسل پاران ڪجهه نه ڪري سگهڻ سبب اسرائيل سان ناتا ٽوڙي ڇڏيا آهن.

هڪ “نام نهاد قاعدن ۽ قانونن تي مشتمل بين الاقوامي نظام” ناڪام ٿي ويو آهي. آمريڪي داداگيري جي ڪري هاڻ ان جي نئين قيادت بابت سوال اڀري رهيا آهن ۽ سوال اهو به اڀري رهيو آهي ته اهو نئون نظام ڪيئن لاڳو ڪجي؟ اهو واضح آهي ته جڏهن عالمي طاقتون پاڻ ۾ وڙهنديون آهن ته پوءِ بين الاقوامي قانون يا بين الاقوامي معاهدن جي ڪا به اهميت ناهي رهندي، جنهن سان عالمي مفادن کي به نقصان پهچندو آهي. هن وقت نظرياتي دشمني سان ان نظام کي هلايو پيو وڃي.