سامارو(ن پ ا) سامارو ۾ زمين تي قبضي خلاف ڳوٺاڻن جو احتجاجي مظاهرو خبر موجب ساماري ڀرسان حنيف آباد جي ڳوٺ نور محمد سولنگي جي رهواسي سولنگي برادري جي ماڻهن فقير نواز سولنگي، خادم حسين سولنگي، يعقوب سولنگي، غلام علي سولنگي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ پريس ڪلب سامارو آڏو احتجاجي مظاهرو ڪندي انھن دانھيندي چيو ته اسان جي زمين 4 ايڪڙ آھي، جنھن جا ڪاغذ پڻ موجود آھن، ڪافي سال پھريان اسان جي  وڏن سيٺ وحيد قائم خاني کي اھا زمين مقاطعي تي ڏني ھئي، انھي ٻني ۾ وحيد قائم خاني بنا جواز انبن جو باغ پوکي ڇڏيو  آھي، ھنن دانھيندي چيو ته  وحيد قائم خاني اسان کي نه  مقاطعو ٿو ڏئي ۽ نه ئي زمين واپس ڪرڻ لاءِ تيار آھي.