سامارو جي ڳوٺ ڪانو ڪولهي جي رهواسي مردن، عورتن ۽ ٻارڙن رامچند ڪولهي، ڪيول، ميگهو، عورتن پارتي، موجهو، ناجو، دليپ ۽ آڪاش پريس ڪلب پهچي ديھه جلهوري ۾ 34 ايڪڙ زرعي زمين تي قبضي خلاف ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو، هنن چيو ته بااثر رفيق ڀرڳڙي، پانچو، ڀوروڪولهي اسان جي زرعي زمين تي زوري قبضو ڪرڻ چاهين ٿا، اسان جي گهرن تي هلان ڪري مارڪٽ ڪندا رهندا آھن، اسان تنگ ٿي چڪا آھيون، اعلي اختيارين کان مطالبو ٿا ڪريون ته بااثر جوابدارن خلاف قانوني ڪاروائي ڪري تحفيظ فراهم ڪيو وڃي.